اڳوڻو آسٽريلوي ڪپتان ڪينسر ۾ مبتلا، مداحن لاءِاهم پيغام جاري ڪري ڇڏيائين

ڪينبرا (ويب ڊيسڪ)اڳوڻو آسٽريلوي ڪپتان مائيڪل ڪلارڪ چمڙي جي ڪينسر ۾ مبتلا ٿي ويو آهي.
سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پيغام ۾ مائيڪل ڪلارڪ لکيو ته ” چمڙيءَ جو ڪينسر خاص طور تي آسٽريليا ۾ هڪ حقيقت آهي، منهنجي نڪ ۾ وڌيڪ ڳوڙهي جي نشاندهي ڪئي وئي آهي.
اڳوڻي ڪپتان مداحن کي صلاح ڏيندي چيو ته پنهنجي چمڙي جو معائنو ڪرائيندا رهو، ڇو ته احتياط علاج کان بهتر آهي.
هن وڌيڪ چيو ته ”منهنجي ڪيس ۾ باقاعدگي سان معائنو ۽ ترت نشاندهي انتهائي اهم آهي.“
پنهنجي پوسٽ ۾ مائيڪل ڪلارڪ ڪينسر جي صحيح ۽ درست نشاندهي تي ڊاڪٽر جا ٿورا پڻ مڃيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.