سنڌ اسيمبلي ميمبرن جي پگهارن ۾ 3 لک رپيا واڌ جو فيصلو، هاڻ ماهوار گهڻي پگهار کڻندا؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ اسيمبلي جي خاص ڪميٽي اسيمبلي ميمبرن جي پگهارن ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن کانپوءِ ميمبرن جي ماهوار پگهار 4 لک 50 هزار رپيا مقرر ڪئي وئي آهي.
اهو فيصلو اسپيڪر اويس قادر شاهه جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ڪيو ويو، جنهن ۾ قانون واري وزير ضياءُ الحسن لنجار سميت پ پ، ايم ڪيو ايم، جماعت اسلامي ۽ پي ٽي آءِ ميمبرن شرڪت ڪئي.
ذريعن موجب اجلاس ۾ ڪيترن ئي ميمبرن طرفان پگهارن ۾ واڌ جي حمايت ڪئي وئي، جڏهن ته جماعت اسلامي جي محمد فاروق ان تجويز جي مخالفت ڪئي.
محمد فاروق چيو ته ميمبرن جي پگهارن ۾ 3 لک رپيا واڌ ڪئي وئي آهي، عوامي مسئلن کي ڏسندي اهو درست فيصلو ناهي.
ٻين جماعتن جي ميمبرن دليل ڏنو ته سنڌ اسيمبلي ميمبرن جون پگهارون ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهن، تنهن ڪري انهن کي برابر ڪيو وڃي، وڌندڙ مهانگائي کي ڏسندي پگهارن ۾ واڌ اڻٽر آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.