سونو نگم جو علي ظفر بابت وڏو انڪشاف

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ليجنڊري ڀارتي گلوڪار سونو نگم انڪشاف ڪيو آهي ته سندس پاڪستاني اسٽار علي ظفر سان هر ڳالهه ٻولهه ٿيندي آهي.
سونو نگم جو هڪ وڊيو ڪلپ سوشل ميڊيا تي تيزيءَ سان وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ هو علي ظفر جي واکاڻ ڪندي نظر اچي رهيو آهي.
وائرل ڪلپ ۾ سونو نگم چيو ته علي ظفر سان منهنجي هر هفتي يا ٻن هفتن بعد ڳالهه ٻولهه ٿيندي آهي، هو ڏاڍو پيارو ۽ سٺو انسان آهي، ۽ اسان جو پنهنجي هم خيال ماڻهن سان پيار جاري رهندو آهي.
ان کانسواءِ هڪ ٻئي انٽرويو ۾ سونو نگم ليجنڊري پاڪستاني گلوڪار عطا الله عيسيٰ خيلوي جا ٿورا پڻ مڃيا آهن.
ليجنڊري پلي بئڪ گلوڪار سونو نگم پنهنجي انٽرويو ۾ پاڪستان جي ليجنڊري راڳي عطا الله عيسيٰ خيلوي کي ڀيٽا پيش ڪندي کيس پنهنجو محسن قرار ڏنو.
سونو نگم چيو ته کيس ڪيريئر جي پهرين وڏي ڪاميابي اُن وقت ملي جڏهن هن عطا الله عيسيٰ خيلوي جو مشهور گيت”اَڇا صِلا ڏيا تُو ني ميري پيار ڪا“ ڳايو هو.
هن چيوته عطا الله جي ان گاني نه رڳو سڄي ڀارت ۾ منهنجو آواز پهچايو، پر مون لاءِ ڪاميابيءَ جا در پڻ به کولي ڇڏيا.
هن جذباتي انداز ۾ چيو ته عطا الله صاحب هڪ عظيم انسان آهن ۽ منهنجي زندگيءَ ۾ سندن لاءِ اهميت آهي، جڏهن مون سندس گيت ڳايو ته پاڻ مون کي فون ڪري چيائون ته ” مسٽر سونو، مان عطا الله عيسيٰ خيلوي پاڪستان مان ڳالهائي رهيو آهيان، توهان منهنجو گانو ڏاڍي سٺي انداز ۾ ڳايو آهي.“
ڀارتي گلوڪار اِهو به چيو ته اُن وقت منهنجي عمر رڳو اُڻويهه سال هئي، اهو منهنجي لاءِ هڪ يادگار لمحو هو، عطا الله عيسيٰ خيلوي جو اهو گانو منهنجي ڪيريئر جو اصل ٽرننگ پوائنٽ ثابت ٿيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.