وسيلن جي ڦرلٽ لڪائڻ لاءِ نون صوبن جو نعرو! 

تحرير: آفتاب عالم مهر

پاڪستان جي سياسي تاريخ جو مطالعو ڪيو وڃي ته هڪ ڳالهه تمام واضع نظر اچي ٿي ته جڏهن به حڪمران طبقي کي پنهنجي ناڪامين کي لڪائڻو هوندو آهي يا عوام جي بنيادي سوالن کان ڌيان هٽائڻو هوندو آهي، تڏهن ڪو نه ڪو نئون نعرو ھنيو ويندو آهي. ڪڏهن مذهبي نفرتون پکيڙي مذهبي بنيادن تي جھيڙا ڪرايا وڃن ٿا، ڪڏهن سنڌو درياءَ مان نون ڪئنالن جي رٿا  پيش ڪئي وڃي ٿي ته ڪڏهن نون صوبن جي ٺاهڻ جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي. هي سڀ  نعرا ڪنهن به حقيقي حڪمت عملي يا عوامي ضرورت تي ٻڌل نه هوندا آهن، پر اِهي سياسي رانديون هونديون آهن، ته جيئن عوام کي اصلي مسئلن کان پري رکيو وڃي.

 اصل ۾ حڪمران طبقي جو مقصد ڪنهن به وقت نوان صوبا ٺاهڻ نه هوندو آهي، ڇو ته پاڪستان جو آئين پاڻ واضع ڪري ٿو ته ڪنهن به صوبي جي حدن ۾ تبديلي ان وقت ممڪن ٿيندي جڏهن ان صوبي جي اسيمبلي ان ڳالهه جي منظوري ڏيندي. سنڌ ۾ عوام جي واضع اڪثريت ۽ تقريباً سڀ سياسي قوتون صوبي جي ورهاست کي مڪمل طور رد ڪن ٿيون. تنهن ڪري اهو بحث ئي بي معنيٰ آهي. پر پوءِ سوال اهو آهي ته جڏهن حڪمران ڄاڻن ٿا ته سنڌ کي ورهائي نٿو سگهجي، تڏهن به اهي حڪمران اهڙا نعرا ۽ ڦوڪا ڇو ٿا ڏين؟ ان جو جواب صرف عوام جو ڌيان ڦيرائڻ آهي. جيئن ته حڪمران طبقي کي خبر آهي ته سنڌ جي ڌرتي قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي. سنڌ مان تيل، گئس، ڪوئلو، معدنيات، سامونڊي وسيلن ۽ زرعي زمينن جي دولت موجود آهي. سنڌ مان نڪرندڙ گئس 1950ع واري ڏهاڪي ۾ ملڪ جي صنعتن ۽ گهريلو استعمال لاءِ استعمال ٿي، پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته سنڌ مان نڪرندڙ گئس تي پهريون حق سنڌي عوام کي ملي نه سگهيو. سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ اڄ به ماڻهو ڪاٺيون ساڙي خوراڪ پچائن ٿا، جڏهن ته ساڳي گئس پنجاب صوبي جي شهرن کي فراهم ڪئي وڃي ٿي. انهيءَ ناانصافي کي لڪائڻ لاءِ حڪمران نون صوبن جا نعرا ھڻن ٿا. اصل ۾ انهن جا مقصد وسيلن تي قبضو ڪرڻ آهن. اڳين آئين ۾ صاف لکيل هو ته قدرتي وسيلن تي صوبن جو مالڪاڻو حق هوندو، پر هاڻي مختلف قانوني ۽ آئيني ترميمن وسيلي انهن وسيلن کي وفاق جي حوالي ڪرڻ جون سازشون ٿي رهيون آهن. عالمي سامراج، خاص ڪري آمريڪا ۽ ٻين وڏين طاقتور ملڪن سان ٿيل معاهدن جي نتيجي ۾ سنڌ جي زمينن ۽ معدني وسيلن کي عالمي منڊي ۾ وڪڻڻ لاءِ تياريون ڪري رهيون آهن. جڏهن عوام جو ڌيان انهن حقيقتن ڏانهن وڃي ٿو ته حڪمران فوري طور تي ڪو نئون موضوع کڻي اچي عوام کي گمراھ ڪن ٿا.

 سنڌ جي تاريخ شاهد آهي ته جڏهن به اهڙا منصوبا آندا ويا، انهن جا نتيجا تباهيءَ کان سواءِ ڪجهه به نه نڪتا. ون يونٽ جو دور ان جو وڏو مثال آهي. مرڪز کي مضبوط ڪرڻ جي نالي تي صوبا ختم ڪيا ويا، قومن جي سڃاڻپ ميساري وئي، سنڌ کي پنهنجي نالي سميت ميسارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. پر نتيجو ڇا نڪتو؟ ملڪ اڌ ۾ ورهائجي ويو، بنگلاديش وجود ۾ آيو، ۽ پاڪستان پنهنجو اڌ وجود وڃائي ويٺو. ون يونٽ نه رڳو صوبي جي وجود تي ڌڪ هو، پر وسيلن تي به قبضو ڪرڻ جو منصوبو هو. سنڌ جي پاڻيءَ کان وٺي ان جي ٻولي ۽ وسيلن تائين سڀ ڪجهه نشانو بڻايو ويو.

اهڙي ريت 1940ع جي قرارداد، جيڪا "قرارداد لاهور” سڏجي ٿي، ان جو اصل روح به وساري ڇڏيو ويو آهي. ان ۾ واضع طور لکيل هو ته هندستان جي مسلم اڪثريتي علائقن مان الڳ الڳ رياستون وجود ۾ اينديون، جيڪي پنهنجا معاملا پاڻ هلائينديون. مطلب ته صوبن کي پنهنجو اختيار حاصل هوندو. آمريڪا جهڙو ملڪ به ان تصور تي قائم آهي، جتي هر رياست کي پنهنجي وسيلن ۽ معاملن ۾ خودمختياري آهي. پر پاڪستان ۾ ان قرارداد جي روح تي عمل ڪرڻ بدران وري 12 نوان صوبا ٺاهڻ ۽ سنڌ  کي نون صوبن ۾  ورهائڻ جون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن. نتيجو اهو نڪرندو آهي ته قومن ۾ نفرت وڌندي، بي اعتمادي پيدا ٿيندي ۽ ملڪ جي وحدت ڪمزور ٿيندي.

 اڄ جو سوال اهو ناهي ته نوان صوبا ٺهڻ گهرجن يا نه. اصل سوال اهو آهي ته جمهوريت کي ڪيئن مضبوط ڪجي؟ وسيلن جي منصفاڻي ورهاست ڪيئن يقيني بڻائجي؟ اختيارن کي ڪيئن هيٺين سطح تائين ضلعي ۽ يونين ڪائونسل تائين منتقل ڪجي؟ تعليم، صحت، پاڻي، روزگار ۽ انصاف جهڙن اصل مسئلن تي ڌيان ڏيڻ بدران حڪمرانن نون صوبن جو نعرو ھڻي عوام جو ڌيان ڀٽڪائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سنڌ جي عوام لاءِ اهو پيغام واضع آهي ته سنڌ هڪ تاريخي وحدت آهي. هزارين سالن کان سنڌ پنهنجي سڃاڻپ سان موجود آهي. موئن جي دڙي کان وٺي شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي فڪر تائين سنڌ جي ڌرتي هڪ مستقل تهذيب ۽ تمدن جو مرڪز رهي آهي. اهڙي ڌرتي کي ورهائڻ نه رڳو تاريخ سان ڏاڍ ٿيندو پر مستقبل کي به خطري ۾ وجهي ڇڏيندو. سنڌي عوام کي اهو به سمجهڻ گهرجي ته اصل معرڪو وسيلن تي آهي. جيڪڏهن اسان پنهنجي وسيلن جي حفاظت نه ڪئي ته ايندڙ نسل اسان کان حساب وٺندا. سنڌ جا پاڻي، سنڌ جو ڪوئلو، سنڌ جو تيل، سنڌ جي گئس ۽ سنڌ جي زمين اسان جي وجود جا نشان آهن. جيڪڏهن اهي هٿن مان نڪري ويا ته پوءِ صوبا بچي به وڃن ته به ڪا معنيٰ نه ٿيندي. ان ڪري وقت جي گهرج آهي ته سنڌ جا ماڻهو نون صوبن واري ڦوڪي يا  نعري کان خبردار رهن ۽ پنهنجي ڌرتيءَ جي وسيلن، پنهنجي ٻولي، پنهنجي سڃاڻپ ۽ پنهنجي تاريخ جي حفاظت ڪن. پاڪستان جو اصل مسئلو نوان صوبا نه پر وسيلن جي منصفاڻي ورهاست، جمهوريت جي مضبوطي ۽ اختيارن جي هيٺاهين سطح تائين منتقلي آهي.

 انهيءَ پسمنظر ۾ واضع طور تي چئي سگهجي ٿو ته نوان صوبا ٺاهڻ جو نعرو ڪنهن به حقيقي سياسي حل جو نالو ناهي. اهو هڪ وسيلن جي ڦرلٽ لڪائڻ جو نعرو آهي، هڪ ڊرامو آهي، جيڪو وقتي طور تي ڌيان ڦيرائڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. سنڌ ڄاڻي ٿي ته هن جا وسيلا ئي سندس ساھ آهن ۽ سنڌ ڄاڻي ٿي ته پنهنجن وسيلن جي حفاظت ڪرڻ بنا سندس وجود خطري ۾ آهي. تنهن ڪري هر سنڌيءَ جو فرض آهي ته هو پنهنجي ڌرتيءَ جي سڃاڻپ ۽ وسيلن لاءِ خبردار رهي، ڇو ته تاريخ شاهد آهي ته جيڪي قومون پنهنجن وسيلن ۽ سڃاڻپ جي حفاظت ڪن ٿيون، اهي هميشه قائم رهن ٿيون، ۽ جيڪي پنهنجي وسيلن تان هٿ کڻن ٿيون، اهي ھميشه لاءِ ميسارجي وڃن ٿيون.!

 اڄ جو سوال اهو ناهي ته نوان صوبا ٺهڻ گهرجن يا نه. اصل سوال اهو آهي ته جمهوريت کي ڪيئن مضبوط ڪجي؟ وسيلن جي منصفاڻي ورهاست ڪيئن يقيني بڻائجي؟ اختيارن کي ڪيئن هيٺين سطح تائين ضلعي ۽ يونين ڪائونسل تائين منتقل ڪجي؟ تعليم، صحت، پاڻي، روزگار ۽ انصاف جهڙن اصل مسئلن تي ڌيان ڏيڻ بدران حڪمرانن نون صوبن جو نعرو ھڻي عوام جو ڌيان ڀٽڪائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.