نقاد منهنجو ڪم ڏسڻ وائسڻ بنا وڏي عمر جا مهڻا ڏيڻ لڳن ٿا: فيصل قريشي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪار فيصل قريشي چيو آهي ته نقاد ڊرامو ڏسڻ بنا ئي عمر بابت تنقيد شروع ڪري ڇڏي.
فيصل قريشي هن وقت هم ٽي وي جي ڊراما سيريل ”راجا راني“ ۾ نئين اداڪارا حنا آفريدي سان گڏ مُک ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.
هن ڊرامي ۾ اهڙو ڪردار نڀايو آهي جيڪو هڪ حادثي کانپوءِ پيدا ٿيندڙ ذهني بيماري سبب اڌڙوٽ عمر واري ڪاروباري شخص ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو.
جتي فيصل قريشي جي اداڪاري جي واکاڻ ڪئي پئي وڃي، اتي ئي ڊرامي جي شروع ۾ هن جي عمر سبب کيس تنقيد جو نشانو به بڻايو ويو ۽ چيو ويو ته اداڪار جي ڀيٽ ۾ حنا آفريدي عمر ۾ تمام ننڍي آهي.
”دي ڪرنٽ‘“ کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته ڊرامي جي شروعات ۾ هر ڪنهن عمر تي تنقيد شروع ڪري ڇڏي، پر جيئن جيئن ان جون قسطون اڳتي وڌيون تنقيد به گهٽجندي وئي.
هن چيو ته نقادن کي لڳي ٿو ته هدايتڪار ۽ پروڊيوسر چريا آهن جن کي خبر ناهي ته ڪم ڪيئن ڪرڻو آهي ۽ ڪنهن جو به ڊرامو اچي، ماڻهو بنا ڏسڻ ۽ وائسڻ جي ان تي تنقيد شروع ڪري ڇڏين ٿا.
فيصل قريشي وڌيڪ چيو ته اڄڪلهه اِهو هڪ نئون ٽرينڊ بڻجي ويو آهي ته هڪ پاسي عمر ۽ جسماني بيهڪ تي تنقيد ڪئي وڃي ٿي، جڏهن ته ٻئي پاسي ڊگها ڊگها ڀاشڻ ڏنا وڃن ٿا ته ڪنهن جي رنگت، جسماني بيهڪ يا قد تي تنقيد نه ڪرڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.