خورشيد شاهه جي طبعيت بگڙي وئي، سکر کان ڪراچي منتقل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه کي طبعيت ناساز ٿيڻ سبب سکر کان ڪراچي منتقل ڪيو ويو.
گذريل ڏينهن طبعيت خراب ٿيڻ تي خورشيد شاهه کي اين آءِ سي وي ڊي سکر منتقل ڪيو ويو هو، جتي سندس ٽيسٽون ڪيون ويون.
ڊاڪٽرن پ پ اڳواڻ کي ڪراچي منتقل ڪرڻ جو مشورو ڏنو، جنهن کانپوءِ فوري طور تي کيس سکر کان ڪراچي منتقل ڪيو ويو.
خورشيد شاهه کي مراد علي شاهه جي خاص جهاز ذريعي ڪراچي روانو ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.