ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪار عمران عباس جو اڳوڻي اداڪار ببرڪ شاهه جي تنقيد تي ردعمل ڏئي ڇڏيو.
ڪجهه ڏينهن اڳ ر ببرڪ شاهه هڪ نجي ٽي وي جي شو ۾ شرڪت ڪئي هئي، جنهن دوران ميزبان طرفان ببرڪ شاهه کي مختلف اداڪارن جا نالا کڻي انهن کي ريٽنگ ڏيڻ جو ِ چيو ويو هو.
عمران عباس بابت ڏنل راءِ ۾ ببرڪ شاهه چيو هو ته ”عمران فلمن لاءِ موزون ناهي، هو هيرو نٿو لڳي، حقيقت ۾ هو مرد جيان به نظر نه ٿو اچي.
ميڊيا رپورٽن موجب، مداحن سان لائيو سيشن دوران عمران عباس، ببرڪ شاهه جو نالو وٺڻ کان سواءِ، سندن بيان تي تصرو ڪندي چيو ته ”مون کي مون سان نفرت ڪندڙ ڪنهن به انسان جي راءِ جي پرواهه ناهي، ڇو ته الله مون کي منهنجي حيثيت کان وڌيڪ ڪاميابيون ڏئي رهيو آهي.“
هن چيو ته اها نفرت هڪ پيڪيج جو حصو آهي، انهن ماڻهن جي طرفان جيڪي پنهنجي زندگين ۾ ڪاميابين کان محروم رهجي ويا آهن.“
اداڪار جو وڌيڪ چوڻ هو ته ”اهي ماڻهو، جيڪي سوشل ميڊيا تي ٻين لاءِ نفرت جوڳا تبصرا ڪن ٿا، انهن جي عام پروفائيل ۾ ڪا ڪاميابي شامل نه هوندي. “
عمران عباس اِهو به چيو ته ” جيڪڏهن توهان اهڙن ماڻهن جي پسمنظر تي نظر ڊوڙايو ته پتو پوندو ته انهن جو درد نفرت ۾ تبديل ٿي ويو آهي.“
عمران عباس جو چوڻ هو ته ”پروفيشنل طور به اهي ماڻهو، جيڪي پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪنهن محرومي جو شڪار هجن يا پوئتي رهجي ويا هجن، اهي ئي ٻين کي به پوئتي ڌڪڻ جي ڪوشش ڪندا آهن.“
هن وڌيڪ چيو ته ” اهڙن ماڻهن تي سواءِ رحم کائڻ جي ڪجهه به نٿو ڪري سگهجي. الله اهڙن ماڻهن کي هدايت ڏيندو ڇو ته اسان انهن لاءِ رڳو هدايت جي دعا ئي گهري سگهون ٿا.“
You might also like