لاڙڪاڻي ۾ موٽر سائيڪل ڦر دوران مزاحمت تي نوجوان گوليون هڻي قتل

لاڙڪاڻو (رپورٽ: عبدالوحيد ابڙو) لاڙڪاڻي حيدري ٿاڻي جي حد غالب نگر ڀرسان موٽر سائيڪل جي ڦر دوران مزاحمت تي نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو.
پراڻي بس اسٽينڊ جي رهواسي نوجوان احمد علي ڀٽي کان موٽر سائيڪل ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ مزاحمت تي هٿياربندن فائرنگ ڪري کيس زخمي ڪري وڌو، جنهن روڊ تي تڙپي تڙپي دم ڏئي ڇڏيو.
مقتول نوجوان جي وارثن ايس ايس پي چوڪ تي ٽائرن کي باهه ڏئي ڌرڻو هڻي روڊ بند ڪري ڇڏيو.
صحافين سان ڳالهائيندي هنن چيو ته اسان جي نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو ۽ پوليس ڦورن کي ڏسندي رهي، قاتلن کي گرفتار ڪري نوجوان جي خون سان انصاف ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.