لاهور(ويب ڊيسڪ) اسٽيچ اداڪارا ثمر رانا کي 14 ورهين جي گھريلو ملازمه تي تشدد ۽ جنسي زيادتي جي الزام هيٺ گرفتار ڪيو ويو آهي.
رپورٽ موجب، نوڪرياڻي سان زيادتي جو ڪيس نواب ٽائون ٿاڻي ۾ داخل ڪيو ويو، جنهن تي پوليس ترت ڪارروائي ڪندي اسٽيچ اداڪارا ثمر رانا کي گرفتار ڪيو.
انويسٽيگيشن پوليس جو چوڻ آهي ته ثمر رانا جي گهر 14 ورهين جي نينگري سان پنجن ماڻهن مبينا زيادتي جو نشانو بڻايو، جڏهن ته ثمر رانا تي ملازمه کي تشدد ڪرڻ ۽ ڌمڪائڻ جو الزام آهي.
پوليس موجب، اڻڄاتل جوابدار نينگري سان مبينا زيادتي جون وڊيوز پڻ ٺاهيندا رهيا.
ايس پي انويسٽيگيشن صدر ڊويزن جو چوڻ آهي ته واردات ۾ ملوث ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آهن، جڏهن ته ملازمه ۽ سندس گهر ڀاتين کي هر صورت انصاف فراهم ڪيو ويندو.
Next Post
You might also like