سلمان اڪرم گهر ڀاتين جيان آهي، ڪا ڏند چڪ ناهي ٿي: عليما خان

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني عمران خان جي ڀيڻ عليما خان چيو آهي ته سلمان اڪرم سان ڪا ڏند چڪ ناهي ٿي، هو گهر ڀاتين جيان آهي.
اڊيالا جيل ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي عليما خان چيو ته عمران خان جي سپريم ڪورٽ مان ضمانت ٿي پر سمجهه ۾ نٿو اچي ته منهنجي ٻارن کي ڇو کنيو ويو، اهي ٻارن کان به ڊڄن ٿا.
هن چيو ته شاهه ريز بزنس ڪندو آهي، اسپورٽس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي اٿائين، شير شاهه کي به ٻئي ڏينهن کنيو ويو، انهن گرفتارين سان اسان کي فرق نٿو پئي، مان چيو آهي ته مون کي به گرفتار ڪيو.
سندس چوڻ هو ته سلمان اڪرم راجا سان منهنجي ڏند چڪ ناهي ٿي، هو اسان جو وڪيل ۽ گهر ڀاتين جيان آهي، ان جو پنهنجو ڪو مسئلو هوندو ۽ جيڪڏهن ضمني چونڊن جو ايشو آهي ته منهنجي خيال ۾ ان کان ئي پڇو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.