سلمان اڪرم راجا جو پي ٽي آءِ سيڪريٽري جنرل عهدو ڇڏڻ جو فيصلو

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا عهدو ڇڏڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو ، سلمان اڪرم راجا چيو ته اڄ باني پي ٽي آءِ کي عهدي تان الڳ ٿيڻ جي درخواست ڪندس، پر پارٽي لاءِ پنهنجي وڪالتي خدمتون بلامعاوضو جاري رکندس، هن چيو ته اڄ هڪ اهڙو واقعو پيش آيو آهي، جنهن مونکي دو ٽوڪ فيصلو ڪرڻ تي مجبور ڪيو آهي، منهنجي زندگي کليل ڪتاب وانگر آهي ۽ منهنجو ڪو به عمل اصولن سان ٽڪراءُ ۾ ناهي، منهنجو ننڍڙو خاندان منهنجي پاسي بيٺو آهي، سلمان اڪرم راجا جو چوڻ هو ته اسان پارٽي اندر ۽ ٻاهران هر قسم جي دٻاءُ ۽ حملن کي برداشت ڪيو ۽ پنهنجي وڪالت واري ڪيريئر کي پوئتي رکي معاشي غيريقيني کي به قبول ڪيو، پارٽي ذريعن موجب، سلمان اڪرم راجا ۽ عليمه خان جي وچ ۾ ضمني چونڊن جي معاملي تي بحث ٿيو، جنهن کان پوءِ سلمان اڪرم راجا دلبرداشتا ٿي عهدو ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو آهي، عليما خان جو چوڻ هو ته باني پي ٽي آءِ جو واضح حڪم هو ته ضمني چونڊن ۾ حصو نه وٺو، سلمان اڪرم راجا کيس ٻڌايو ته سياسي ڪميٽي جي ووٽنگ ۾ 13 ميمبرن حمايت ڪئي ۽ 9 مخالفت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.