حيدرآباد ( رپورٽر) ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي سيڪريٽري جنرل ۽ پاپولر ليفٽ الائينس جي ڪنوينر ڪامريڊ امداد قاضي چيو آھي ته غير نمائنده ايوان، ڪٺ پُتلي حڪمران ۽ ڪاروباري رياستي ادارا وفاق ۾ شامل سمورين قومي وحدتن ۽ لاڳاپيل رياستن جي اڪثريتي عوام جي بنيادي حقن ۽ حقِ حڪمراني خلاف بدترين آئيني ترميمن وسيلي پاڻ وفاق کي متنازعه ۽ ناقابلِ قبول بڻائي رهيا آهن پنھنجي بيان ۾ ھن چيو ته بلوچستان ۽ سنڌ جا ساحل ۽ وسيلن، معدنيات، گلگت بلتستان، ڪشمير ۽ خيبرپختونخوا جا معدني ۽ تفريحي ماڳ، ۽ پنجاب، سرائڪي وسيب جي لکين ايڪڙ زمينن تي قبضي ڪرڻ ۽ سڀني وحدتن جا کربين ڊالرن جا قيمتي وسيلا آمريڪا ۽ ٻين طاقتور قوتن حوالي ڪرڻ لاءِ آئين، قانون، اختيار ۽ پنھنجي حلف جي خلاف ورزي ڪندي فيصلا ڪري رھيا آھن امداد قاضي مطالبو ڪيو ته ڪوسٽل اٿارٽي ٺاهي سنڌ ۽ بلوچستان جي ساحلي پٽي تي قبضو ڪرڻ جا منصوبا ختم ڪيا وڃن،