اين ايف سي ۾ سنڌ کي پنهنجو جائز حصو ڏنو وڃي:جماعت اسلامي

ڪراچي (رپورٽر)25 جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ اين ايف سي ايوارڊ ۾ سنڌ کي ان جو جائز حصو ڏيڻ جي گھر ڪندي چيو آهي ته ظالماڻي نظام ۽ ڪرپٽ قيادت کان نجات ۽ اسلام جي عدل واري نظام جي نفاذ ۾ ئي ملڪ ۽ قوم جي مسئلن جو حل آهي. اين ايف سي ايوارڊ کان وٺي پاڻيءَ جي غير منصفاڻي ورڇ تائين ننڍن صوبن ۾ احساسِ محرومي وڌي رهيو آهي. ملڪ ۾ سيلاب جي صورتحال باوجود بدين ضلعي جي واهن ۽ شاخن ۾ واري اڏامي رهي آهي جڏهن ته عوام پاڻي لاءِ احتجاج ڪري رهيا آهن. حڪومت جي نااهلي ۽ غفلت سبب معمولي برسات ۾ ملڪ جو سڀ کان وڏو شهر ڪراچي ٻڏي ويو جڏهن ته سڄي سنڌ موئن جي دڙي جو منظر پيش ڪري رهيو آهي. سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ عوام جي زندگين کي جهنم بڻائي ڇڏيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بدين ۾ جماعتِ اسلاميءَ “يوم تاسيس” جي سلسلي ۾ ڪوٺايل ميڙاڪي کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي مولانا عبدالقدوس احمداڻي، الطاف احمد ملاح، پروفيسر سهيل احمد شارق، جماعتِ اسلامي ضلعِ بدين جي امير سيد علي مردان شاهه گيلاني، جنرل سيڪريٽري عبدالڪريم بليدي سميت ٻين اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو.#

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.