ڪراچي (م ڊ) ڪراچي ۾ برسات کانپوءِ برساتي نالن مان وهي آيل لکين ٽن ڪچرو سمنڊ ۾پهچي ويو آهي. سمنڊ ڪناري، ڪلفٽن ۽ ڪي پي ٽي تي لکين ٽن ڪچرو گڏ ٿيڻ سبب نه رڳو آبي جيوت پر انسانن کي پڻ خطرو آهي. سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير انور چوڌري جي هدايت تي صفائي ڪئي پئي وڃي ۽ پهرئين مرحلي ۾ 150 ڪچرو ڪڍيو ويو آهي. ماهرن موجب ڪياماڙي کان منوڙي تائين پکڙيل ڪچرو مڇين جي واڌ ويجهه روڪي ٿو، نائيٽروجن ڊاءِ آڪسائيڊ ۽ زميني سطح تي اوزون جي وڌندڙ سطح آبي جيوت ۽ انساني صحت ٻنهي لاءِ هاڃيڪار آهي.