ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ جي سڀني ڪمرشل بينڪن نان هوسٽ اي ٽي ايم (معنيٰ جنهن اي ٽي ايم مان رقم ڪڍرائي وڃي اهو ڪسٽمر جي پنهنجي بينڪ جو نه هجي) مان رقم ڪڍرائڻ جي فيس ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي.
اها فيس 23.44 رپين مان وڌائي 35 رپيا في ٽرانزيڪشن مقرر ڪئي وئي آهي.
ان نئين سسٽم تحت 28 رپيا اي ٽي ايم هلائيندڙ بينڪ جي حصي ۾ ايندا، جڏهن ته 7 رپيا انٽر بينڪ اي ٽي ايم نيٽ ورڪ ون لنڪ کي ملندا.
بينڪن موجب اها واڌ وڌندڙ آپريشنل لاڳت ۽ سروسنگ خرچن سبب ڪئي وئي آهي، جڏهن ته واهپيدارن جو وڏو انگ ان کي عام شهرين تي واڌو بار قرار ڏئي رهيو آهي.
You might also like