ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ قومي ٽيم ۾ سليڪٽ نه ٿيڻ تي ڊيرا مراد جمالي جي علائقي سان تعلق رکندڙ ڪرڪيٽر جي پي سي بي خلاف درخواست تي، درخواست گذار جي وڪيل کان ڪرڪيٽر بابت سپريم ڪورٽ جي حڪمن جون ڪاپيون گهري ورتيون.
هاءِ ڪورٽ ۾ ڪرڪيٽر تيمور علي جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ چيو ويو ته کيس قومي ٽيم ۾ شامل نه ڪيو ويو.
ٻڌڻي دوران درخواست گذار جي وڪيل اسدالله بلو ايڊووڪيٽ موقف اختيار ڪيو ته تيمور علي پاڪستان جو بهترين فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽر آهي. سندس فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ ۾ ڪارڪردگي بهترين رهي آهي، جڏهن ته ٽي ٽوئنٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ چونڊيل ڪيترن ئي رانديگرن جي ڪارڪردگي جو رڪارڊ تيمور علي کان گهڻو گهٽ آهي.
وڪيل ٻڌايو ته تيمور علي پي سي بي ۾ سيڪشن 37 تحت اپيل داخل ڪئي هئي پر اڃا تائين ان تي ڪو فيصلو ناهي ٿيو، انڪري عدالت پي سي بي کي اپيل تي فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏئي.
جسٽس عدنان اقبال چوڌري رمارڪس ڏنا ته ڇا سنڌ هاءِ ڪورٽ کي پي سي بي خلاف اهڙي درخواست ٻڌڻ جو اختيار آهي؟
درخواست گذار جي وڪيل چيو ته اڳ به دانش ڪنيريا جي درخواست تي اعليٰ عدالتون فيصلا ڏئي چڪيون آهن.
عدالت درخواست گذار جي وڪيل کان سپريم ڪورٽ جي حڪمن جون ڪاپيون طلب ڪندي ٻڌڻي ٻن ڏينهن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏيو.
You might also like