پاڪستان هاڪي فيڊريشن ۾ مالي گهوٻيون، شهيلا رضا جا عهديدارن تي سنگين الزام

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)بين الصوبائي رابطا جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ شهلا رضا پاڪستان هاڪي فيڊريشن جي عملدارن تي سنگين الزام مڙهي ڇڏيا.
قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ثناءُ الله مستي خيل جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ هاڪي فيڊريشن ۾ مالي گهوٻين ۽ رانديگرن کي ڊيلي الائونس نه ملڻ جو جائزو ورتو ويو.
اجلاس ۾ صدر پي ايڇ ايف طارق بگٽي، سيڪريٽري راڻا مجاهد، ڪپتان عماد بٽ ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي.
ڪميٽي هاڪي فيڊريشن جي معاملن تي ماتحت ڪميٽي ٻيهر جوڙي ڇڏي، جنهن جو ڪنوينر شيخ آفتاب احمد مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته شهلا رضا، يوسف خان، انجم عقيـل، مهـرين رزاق ڀٽو سميت ٻيا ميمبر هوندا
ماتحت ڪميٽي 30 ڏينهن اندر رپورٽ پيش ڪندي ۽ مالي معاملن ۽ فيڊريشن جي قانوني حيثيت جو جائزو وٺندي.
سيڪريٽري پي ايڇ ايف چيو ته نگران وزيراعظم طارق بگٽي کي صدر مقرر ڪيو هو، جنهن تي چيئرمين ڪميٽي چيو ته نگران وزيراعظم وٽ اهڙو اختيار نه هو.
ڪميٽي اٽارني جنرل ۽ قانون واري وزارت کان قانوني راءِ طلب ڪري ورتي، جيڪڏهن اهو عمل غير آئيني قرار ڏنو ويو ته طارق بگٽي کي عهدو ڇڏڻو پوندو.
اجلاس ۾ شهلا رضا چيو ته فيڊريشن جي اڪائونٽ مان ڪيش رقم ڪڍرائي وئي ۽ آصف باجوا جي مائٽن جي ڪمپني ۾ منتقل ڪيو ويو.
هن چيو ته راڻا مجاهد جي سيڪريٽري جنرل طور مقرري به غير قانوني آهي ۽ مان اهو ثابت ڪري سگهان ٿي.
مهـرين رزاق ڀٽو چيو ته پاڪستان پرو هاڪي ليگ ۾ ميرٽ تي ڪواليفاءِ ناهي ڪيو، اسان نيوزيلينڊ جي خيرات ۾ ڇڏيل جاءِ تي کيڏڻ وڃي رهيا آهيون.
ڪميٽي چيئرمين چيو ته هاڪي فيڊريشن جو خاص آڊٽ ڪرايو ويندو ۽ جيڪو به مالي گهوٻڻ ملوث نڪتو ان کان هڪ هڪ روپيو واپس ورتو ويندو.
راڻا مجاهد چيو ته پرو ليگ دنيا جي ڏهن بهترين ٽيمـن جو وڏو ايونٽ آهي، جنهن ۾ شرڪت لاءِ 35 ڪروڙ رپيا گهربل آهن، ناڻي واري وزارت 25 ڪروڙ ڏيندي ۽ باقي 10 ڪروڙ اسپانسرشپ ذريعي حاصل ڪيا ويندا.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته هو قومي ٽيم لاءِ 10 سال کيڏي چڪو آهي ۽ ورلڊ چيمپيئن ٽيم جو حصو رهيو آهي، ان کانپوءِ هتي سيڪريٽري جنرل مقرر ٿيو آهي.
صدر طارق بگٽي چيو ته اسان کي اڳ پاڪستان اسپورٽس بورڊ هر مهيني 35 لک ڏيندو هو، پر هاڻي نٿو ڏئي، اسان کي 3 ڪروڙ انوارالحق ڪاڪڙ، 5 ڪروڙ وزيراعظم شهباز شريف ۽ هڪ ڪروڙ 30 لک فوج طرفان مليا.
راڻا مجاهد وڌيڪ چيو ته قومي هاڪي ليگ نومبر يا فيبروري ۾ ڪرائڻ جو ارادو آهي، هاڪي فيڊريشن جو پيٽرن ان چيـف وزيراعظم آهي ۽ صدر به وزيراعظم مقرر ڪندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.