جوهانسبرگ (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ڏکڻ آفريڪي ڪپتان اي بي ڊيويليئرز هڪ ڀيرو وري ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ واپسيءَ جو اشارو ڏئي ڇڏيو.
اڳوڻي آفريڪي ڪرڪيٽر هو هڪ ڀيرو ٻيهر انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) ۾ واپسي ڪري سگهي ٿو، پر هن ڀيري هو رانديگر بدران ڪوچ يا مينٽور طور ايڪشن ۾ نظر ايندو.
اي بي ڊيويليئرز 2021 ۾ هر طرز جي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو هو، پنهنجي ڪيريئر جو وڏو حصو رائل چئلينجرز بئنگلورو (آر سي بي) سان کيڏندي گذاريو.
هڪ بيان ۾ هن چيو ته ” مان مستقبل ۾ آءِ پي ايل جو حصو بڻجي سگهان ٿو، پر هڪ مڪمل سيزن پروفيشنل رانديگر طور کيڏڻ هاڻي ممڪن ناهي.“
سندس چوڻ هو ته پر توهان ڪڏهن به “ڪڏهن به نه” نٿا چئي سگهو، منهنجي دل هميشه آر سي بي سان آهي. جيڪڏهن ٽيم کي لڳي ٿو ته منهنجي لاءِ ڪو ڪردار آهي ته اهو ضرور ڪوچ يا مينٽور طور خدمتون ارپڻ لاءِ تيار آهيان.
You might also like