اڪثر ڪم دوران اوچتو مينهن پئجي وڃي ته رستي تي موجود ماڻهن لاءِ پنهنجي منزل تي پهچڻ وارو عمل ڏکيو بڻجي ويندو آهي.
چين جي صوبي يوننان جي علائقي يوڪسي ۾ اهڙو ئي واقعو هڪ عورت سان پيش آيو، جنهن مينهن کان بچڻ لاءِ هڪ دڪان اندر پناهه ورتي ۽ اهو ئي وقفو کيس ڪروڙين رپين جي مالڪ بڻائي ڇڏيو.
عورت (جنهن جو نالو ظاهر نه ڪيو ويو) رستي تي موجود هئي ته اوچتو تيز برسات شروع ٿي وئي، جنهن کانپوءِ هوءَ هڪ اهڙي دڪان ۾ داخل ٿي وئي جتي لاٽري ٽڪيٽون وڪرو ٿينديون هيون.
وقت گذارڻ لاءِ هن دڪاندار کان پڇيو ته ڇا وٽس اسڪريچ ڪارڊ آهن؟ ۽ پوءِ پاڻ ئي چيو”هاڻي جڏهن مينهن سبب مان هتي ڦاٿي پئي آهيان ته ڇو نه ٿوري دير لاٽري کيڏي وٺان.“
هفتي يا مهيني وارن لڪي ڊرا جي ابتڙ اسڪريچ ڪارڊ ۾ انعام ترت کٽڻ جو موقعو هوندو آهي.
عورت 30 لاٽري ٽڪيٽون خريد ڪيون، جن جي قيمت 900 يوان ٿي، ڇهين ڪارڊ اسڪريچ ڪرڻ سان ئي هوءَ 10 لک يوان (تقريبن 4 ڪروڙ پاڪستاني رپين) جو انعام کٽي ورتو.
عورت ميڊيا کي ٻڌايو ته” ان مهل منهنجا هٿ پير اوچتو هيڻا ٿي ويا، مون ڪڏهن خواب ۾ به نه سوچيو هو ته مينهن جو پاڻي منهنجي قسمت کي اهڙي طرح بدلائي ڇڏيندو.“
هن چيو ته هوءَ ڪڏهن ڪڏهن اهڙا ڪارڊ خريد ڪندي هئي ۽ ان ڏينهن به هوءَ منجهند جو ماني کائي نڪتي هئي ته مينهن وَسَي پيو.
انعام کٽڻ بعد عورت دڪاندار جو شڪريو ادا ڪندي هڪ لفافي ۾ پئسا ۽ هڪ ريشمي بئنر ڏنو.
هن اهو به چيو ته هوءَ اها خبر سوشل ميڊيا تي شيئر نه ڪندي ۽ ميڊيا کان به پنهنجي سڃاڻپ لڪائڻ جي درخواست ڪئي.
عورت جو چوڻ هو ته هوءَ انعامي رقم کي وڌائي پيش ڪرڻ نه ٿي چاهي، پر جيئن اڳ ۾ هوءَ سادي زندگي گذاريندي آئي آهي، تيئن ئي پنهنجو ڪم جاري رکندي.
You might also like