واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) دنيا جي امير ترين شخص ۽ ايڪس اي آءِ نالي آرٽيفيشل انٽيليجنس ڪمپنيءَ جي مالڪ ايلون مسڪ چيو آهي ته اي آءِ جي شعبي ۾ اصل مقابلو آمريڪي ڪمپنين سان نه پر چيني ڪمپنين سان آهي.
مسڪ آئي ڏينهن سوشل ميڊيا پليٽفارم ايڪس (ٽوئٽر) تي پنهنجي ڪمپني جي گروڪ 4 چيٽ بوٽ جا فيچرز پيش ڪندو رهندو آهي. ان ڪمپني کي هن 2023 ۾ اوپن اي آءِ جي مقابلي لاءِ متعارف ڪرايو هو، جنهن سان گڏ اي آءِ جي تربيت لاءِ سپر ڪمپيوٽر پڻ تيار ڪيا ويا آهن.
ايلون مسڪ هڪ پوسٽ ۾ چيو ته ”ايڪس اي آءِ تمام جلد سڀني ڪمپنين کي پوئتي ڇڏي گوگل کي به مات ڏئي ڇڏيندو.“
هن وڌيڪ چيو ته چيني ڪمپنيون سڀ کان وڏيون مخالف آهن، ڇو ته انهن وٽ آمريڪا جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ بجلي موجود آهي ۽ اهي هارڊويئر ٺاهڻ ۾ به بهتر آهن.
ياد رهي ته چين گذريل ڪجهه سالن دوران خلائي ٽيڪنالاجي، روبوٽڪس ۽ اي آءِ جي شعبي ۾ وڏي اڳڀرائي ڪئي آهي.
اهڙي طرح چيني اليڪٽرڪ گاڏيون ٺاهيندڙ ڪمپنيون ايلون مسڪ جي ٽيسلا کي به سخت ٽڪر ڏئي رهيون آهن، جڏهنته اي آءِ جي شعبي ۾ چيني ڪمپني “ڊيپ سيڪ” تيزي سان اُڀري آئي آهي.
You might also like