هنگو ۾ ايف سي قلعي تي حملو، 3 اهلڪار شهيد، 17 زخمي

هنگو (ويب ڊيسڪ) هنگو جي تعلقي ٽل جي علائقي دوآبا ۾ ايف سي جي قلعي تي حملي ۾ 3 اهلڪار شهيد ۽ 17 زخمي ٿي پيا.
ايس پي آپريشنز اسد زبير موجب دوآبا جي علائقي طورا وڙي ۾ فيڊرل ڪانسٽيبلري قلعي تي حملو ڪيو ويو، پوليس ۽ ايف سي جي ڀرپور جوابي ڪارروائي ۾ دهشتگرد فرار ٿي ويا.
زخمي اهلڪارن کي دوآبا اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته علائقي ۾ سرچ آپريشن جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.