ايپل جي پهرئين فولڊ ايبل فون ۾ ڇا ڇا هوندو؟ تفصيل ليڪ

ايپل جي طرفان سيپٽمبر ۾ آءِ فون 17 سيريز پيش ڪئي ويندي، پر هڪ نئين ليڪ ۾ ڪمپني جي پهرئين فولڊ ايبل ڊوائس بابت وڌيڪ تفصيل سامهون آيا آهن.
بلومبرگ جي رپورٽ موجب، ايپل پنهنجو پهريون فولڊ ايبل آءِ فون سال 2026 ۾ متعارف ڪرائيندو، جنهن جو ڪوڊ نالو ”وي 68“ رکيو ويو آهي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ان ڊوائس جي ڊيزائن سامسنگ گليڪسي زي فولڊ سان ملندڙ جلندڙ هوندي، يعني اهو ڪتاب وانگر فولڊ ٿيندڙ فون هوندو جنهن جو ڊسپلي ڪتاب جيان کولي ۽ بند ڪري سگهبو.
فولڊ ايبل آءِ فون ۾ مجموعي طور 4 ڪئميرائون هونديون، هڪ آڏو ، هڪ فون جي اندر ۽ ٻه پٺيئن پاسي.
موجودا آءِ فونز جي ابتڙ، هن نئين ڊوائس ۾ فِيس آءِ ڊي بدران ٽچ آءِ ڊي استعمال ڪئي ويندي، جڏهن ته سم ڪارڊ سلاٽ(خانو) به نه هوندو ۽ رڳو اي سم تي ڀاڙڻو پوندو.
رپورٽ موجب، اِهو فون 2026 جي ٻي ڇهه ماهي ۾ آءِ فون 18 سيريز سان گڏ پيش ڪيو ويندو، جڏهن ته ان جو ڊسپلي 7.9 کان 8.3 انچ تائين وڏو ٿي سگهي ٿو.
ايپل جي تاريخ جو اهو سڀ کان مهانگو فون هوندو، جنهن جي قيمت 2 هزار کان 3 هزار آمريڪي ڊالرن تائين هئڻ جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.