گريٽر اسرائيل منصوبو خطي لاءِ خطرو آهي، ان کي سختي سان رد ڪيون ٿا: پاڪستان

جده (ويب ڊيسڪ) نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو آهي ته گريٽر اسرائيلي منصوبو خطي جي امن لاءِ خطرو آهي ۽ ان کي سختي سان رد ڪيون ٿا.
جده ۾ اسلامي سهڪار تنظيم (او آءِ سي) جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس کي خطاب ڪندي اسحاق ڊار چيو ته غزا ۾ اسرائيلي ظلم عالمي قانونن جي کليل ڀڃڪڙي آهي، هنگامي اجلاس گهرائڻ تي اسان ترڪيا ۽ ايران جا ٿورائتا آهيون.
هن چيو ته فلسطين ۾ ڏڪار جي صورتحال آهي، فوري طور قدم کنيا وڃن، عالمي برادري مستقل ۽ غير مشروط جنگبندي لاءِ قدم کڻي، ٻه رياستي حل ئي فلسطين ۾ پائيدار امن جو واحد رستو آهي.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان فلسطين مسئلي تي جيڪي تجويزون ڏنيون آهن، انهن ۾ مستقل جنگبندي، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل طرفان اسرائيل خلاف سخت قدم کڻڻ سميت ٻيون تجويزون شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.