گاجي کهاوڙ ڀرسان ماسات پاران هراسان ڪرڻ تي زهريليون گوريون کائيندڙ ناري فوت

گاجي کهاوڙ (رپورٽ: احمد رضا کھاوڙ) گاجي کهاوڙ ڀرسان ڳوٺ غازي خان مرکنڊ ۾ پنج ڏينهن اڳ ماسات پاران هراسان ڪرڻ تي 6 ٻارن جي ماءُُ فرزانا خاتون زال محمد عرس مرکنڊ زهريليون گوريون کاڌيون هيون جنهن کي لاڙڪاڻي اسپتال داخل ڪرايو ويو هو جيڪا لاڙڪاڻي جي اسپتال ۾ فرزانه فوت ٿي وئي، واقعي بابت فوتي عورت جي پيءُ چيو آھي ته منهنجي ڌيءَ فرزانا کي ماسات فدا مرکنڊ تنگ ڪندو هو ۽ ان مٿان تشدد ڪندو هو جنهن تي هن ڪوئا مار زهريليون گوريون کاڌيون هيون جيڪا فوت ٿي آھي، اسان سان ظلم ڪيو ويو آهي، هن مطالبو ڪيو ته جوابدار گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي، ٻئي طرف فوتي  عورت جي گهر ۾ ڪهرام متل آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.