ٿر، ڪاڇي ۽ ڪوھستان ۾ برساتي پاڻي محفوظ ڪيو وڃي:اياز لطيف

حيدرآباد (پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو چيو آهي ته پيپلز پارٽي کي سنڌ جي امن، ترقي ۽ خوشحالي  سان  ڪو به واسطو ناھي، پيپلزپارٽي سنڌ جي وحدت ۽ وسيلن تي حملي آور ثابت ٿي آهي اقتدار کان اڳ ۾ نمائشي طور سنڌ جي حقن جون ڳالھيون ڪندي آهي ۽ جڏهن پيپلزپارٽي کي اقتدار ملندو آهي  ته سنڌ وسري ويندي آهي. ٿر، ڪاڇي ۽ ڪوھستان ۾ برساتي پاڻي کي اسٽور ڪرڻ لاءِ منصوبابندي ڪئي وڃي. ڪاڇي، ڪوھستان ۽ ٿر ۾ برساتي پاڻي گڏ نه ڪرڻ سبب پاڻي ضايع ٿي وڃي ٿو. اياز لطيف پليجي چيو ته مٿي وارن علائقن ۾ شديد برساتون پئجي رھيون آھن، سنڌ ۾ برساتن کانپوءِ انتظامي نااھلي ۽ ڪرپشن جي ڪري ماڻھو تڪليف ۾ اچن ٿا. سنڌ حڪومت فوري طور تي برساتي پاڻي جي نيڪال وارن رستن کي بحال ڪري، شھرن جو ڊرينيج سسٽم بھتر ڪيو وڃي  ته جيئن برساتي پاڻي به آساني سان نيڪال ٿي سگھي. ڪرپشن  ڪينسر  بڻجي ادارن کي کوکلو ڪري ڇڏيو آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.