ڪراچي (رپورٽ: ذوالفقار راڄپر) ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر چيو آهي ته ٻٻرلوءِ کان اڳ جمهوريت جي بحالي واري تحريڪ ايم آر ڊي هڪ عوامي جدوجهد هئي، جنهن کي بيگم نصرت ڀٽو، رسول بخش پليجو ، سنڌياڻي تحريڪ جهڙي قيادت ملي هئي ۽ جڏهن شهيد بينظير ڀٽو اسٽيبلشمينٽ سان ٺاهه ڪري حڪومت وٺي وزيراعظم ٿيڻ قبول ڪيو، تڏھن کان شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو هن کان پنهنجو رستو ڌار ڪيو، ايندڙ چونڊن ۾ حصو وٺندس، سياست ۾ سنڌو درياءَ، سنڌ جي خودمختياري تي ڪڏھن به سوديبازي نه ڪندس، حڪومت جو نون ڪئنالن وارو فيصلو بيوقوفي آهي، هن اهي ڳالهيون ڪالهه شام جو ڪراچي پريس ڪلب ۾ سنڌ ڊبيٽس سيريز دوران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيون، ذوالفقار ڀٽو جونيئر چيو ته ٻٻرلوءِ ڌرڻي مان ثابت ٿيو ته ڪئنالن واري معاملي تي سنڌ جو عوام ڀرپور احتجاج ڪرڻ جي مزاحمت جي طاقت رکي ٿو ۽ ثابت ٿيو ته عوام حق وٺڻ ڄاڻي ٿو، وڪيلن وڏي مدد ڪئي، پيپلز پارٽي خاموش ھئي، هن چيو ته سنڌ ۾ تبديلي جي ضرورت آھي، ماڻھو تبديلي چاھين ٿا، اسان وٽ عام ماڻهن کي سماجي تحفظ مليل نه آھي، ڪرپشن ۽ سفارش موجود آهي، سفارشي نظام لاڳو ٿيل آھي، اين جي اوز کان ويندي ھر شعبي توڙي سرڪاري کاتن ۾ سفارش جو نظام ھلي ٿو، هن وڌيڪ چيو ته آئون موروثي سياست جي خلاف آهيان، پر منهنجي نالي ۽ خاندان جي نالي تي تباهي ٿي رهي آهي، جمھوريت جو اصول آهي ته اها نئين قيادت پيدا ڪندي آهي ۽ سوشلسٽ نظام ۾ ھڪ مزدور ۽ هاري به وزير اعظم بڻجي سگھي ٿو، سماجي نظام جي تبديلي لاءِ سياست ڪرڻ ضروري آهي، اين جي او ۾ ڪم ڪري معاشري کي بھتر بڻائي نٿو سگھجي، آئون سياست ذريعي ئي معاشري کي بدلائڻ کي بھتر سمجھان ٿو، نئين پارٽي ذريعي سياست ڪريان ٿو، ڀيڻ فاطمه سان صلاح مشورو ڪندو آھيان، اھا جلد پاڪستان ايندي تنھن کانپوءِ باضابطا طور پارٽي جو اعلان ڪيو ويندو، پ پ شھيد ڀٽو کي فعال ڪرڻ تي به گھڻو غور ويچار ڪيو ھو پر ڪجھه معاملا ھئا ايئن نه ٿي سگھيو، فاطمه جي فيصلي کان سواءِ قدم به نه ٿو کڻي سگهان، نئين پارٽي ۾ نوجوانن کي گڏ کڻي ھلنداسين، نوجوانن وٽ جذبو ھوندو آھي، ھنن وٽ ذاتي مفاد ناھن ھوندا، پاڪستان ۾ ماڻھو نظرياتي سياست جا منتظر آھن، هن چيو ته هو سياست ۾ ڪاميابي لاءِ اسٽيبلشمينٽ سان ڳالھيون ڪري اڳتي نه وڌندو، هن جي والد شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو پنهنجي ڀيڻ کي منع ڪئي ته هو اسٽيبلشمينٽ سان ڪوبه سمجهوتو ڪري وزيراعظم نه ٿئي ۽ کيس اسٽيبلشمينٽ سخت مجبوري سبب خود هن کي سڏي وزيراعظم ٿيڻ جي آڇ ڪندي ۽ ائين ڀيڻ ڀاءُ جا رستا الڳ ٿي ويا، شهيد بابا جي وطن واپسي لاءِ به اسٽيبلشمينٽ مخالفت ڪئي هئي، ذوالفقار ڀٽو جونيئر چيو ته ڪراچي جي سياسي صورتحال الڳ آھي، سنڌي ۽ اردو ڳالھائيندڙن کي متحد ٿيڻ نٿو ڏنو وڃي، ڪراچي ۽ ٻين ضلعن جي ماڻهن وچ ۾ ڄاڻي واڻي ويڇا وڌا ويا آهن، سنڌي ۽ اردو ڪميونٽي کي وڏن پاڻ هڪ ٻئي کان پري رکيو آهي، هن چيو ته موسم بهتر ٿيڻ بعد جلد خيبرپختونخواه جو دورو ڪندس.