ڪراچي(رپورٽر) موسميات کاتي 27 آگسٽ کان هڪ ٻي مون سون سسٽم جي ڪراچي سميت سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن تي اثرانداز ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي، ڪالهه ڪراچي جي ڪيترن ئي علائقن ۾ ۾ صبح سوير ڪٿي بوندا باندي ته ڪٿي هلڪي برسات پئي، نارٿ ناظم آباد، بورڊ آفيس، حيدري، اسڪيم 33، صدر ۽ شارهه فيصل سميت ٻين علائقن ۾ هلڪي برسات رڪارڊ ڪئي وئي، موسميات کاتي موجب اڄ کان 27 آگسٽ دوران ملڪ جي مٿانهين ۽ مرڪزي علائقن ۾ طوفاني برسات جو امڪان آهي، هڪ ٻيو مون سون سسٽم 27 آگسٽ کان ڪراچي سميت سنڌ جي گهڻن حصن تي اثرانداز ٿي سگهي ٿو، سامونڊي ضلعن سميت ڪراچي، ٺٽو، سجاول، بدين ۽ ٿرپارڪر ۾ 27 کان 30 آگسٽ تائين تيز برساتن جو امڪان آهي، شهري ۽ هيٺاهين علائقن ۾ ٻوڏ جي صورتحال متوقع آهي.