پشاور (ويب ڊيسڪ) پراونشل ڊيزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (پي ڊي ايم اي) خيبر پختونخواهه 15 آگسٽ کان هيل تائين برساتن سبب ٿيندڙ نقصان جي تازي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي.
پي ڊي ايم اي موجب برساتن سبب مختلف حادثن ۾ هيل تائين 406 ڄڻا فوت ۽ 247 زخمي ٿيا، فوتين ۾ 305 مرد، 55 عورتون ۽ 46 ٻار شامل آهن.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته زخمين ۾ 179 مرد، 38 عورتون ۽ 30 ٻار شامل آهن، جڏهن ته برساتن ۽ فلش فلڊ سبب 3 هزار 526 گهرن کي نقصان پهتو.
You might also like