پاڪستان ۽ بنگلاديش ۾ 6 معاهدن ۽ مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون

اسلام آباد + ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ 6 معاهدن ۽ مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ٿي ويون.
پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ 6 معاهدن ۽ مفاهمتي يادداشتن تي صحيحن جي تقريب ڍاڪا ۾ ٿي، جنهن ۾ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ بنگلاديش جو پرڏيهي معاملن بابت صلاحڪار محمد حسن توحيد شريڪ ٿيا.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب پاڪستان ۽ بنگلاديش جي سفارتڪارن ۽ حڪومتي اهلڪارن لاءِ ويزا ختم ڪرڻ جي معاهدي تي صحيحون ٿيون.
انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز اسلام آباد ۽ بنگلاديش انسٽيٽيوٽ آف انٽرنيشنل اينڊ اسٽريٽجڪ اسٽڊيز وچ ۾ ايم او يو تي صحيحون ٿيون.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان ٻڌايو ته ٽريڊ جوائنٽ ورڪنگ گروپ جي مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون، ايسوسي ايٽڊ پريس آف پاڪستان ۽ بنگلاديش سنگباد سنگسٿا وچ ۾ ايم او يو تي صحيحون ٿيون.
پاڪستان ۽ بنگلاديش جي فار سروس اڪيڊميز ۾ سهڪار جي مفاهمتي يادداشت تي به صحيحون ٿيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.