پاڪستاني فوج پاڪ چين دوستي ۽ سهڪار جي مضبوط محافظ آهي: چيني پرڏيهي وزير

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين جي پرڏيهي وزير وانگ زي چيو آهي ته پاڪستاني فوج قومي استحڪام جو ٿنڀ، پاڪ – چين دوستي ۽ سهڪار جي مضبوط محافظ آهي.
پاڪستان جي دوري دوران فيلڊ مارشل عاصم منير سان ملاقات جي حوالي سان چيني پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستاني فوج سدائين ٻنهي ملڪن جي قيادت وچ ۾ طئي ٿيل اهم اتفاق راءِ تي عملدرآمد جي ڀرپور حمايت ڪئي آهي.
هن چيو ته پاڪستاني فوج قومي استحڪام جو سنڀ، پاڪ – چين دوستي ۽ سهڪار جي مضبوط محافظ آهي، دنيا ۾ پيدا ٿيندڙ غير يقيني حالتن ۾ مضبوط پاڪ – چين لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ فائديمند آهي.
سندس چوڻ هو ته چين سدائين پنهنجي پاڙيسري سفارتڪاري ۾ پاڪستان کي پهرين ترجيح ڏني آهي، سخت امتحانن باوجود لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيا آهن ۽ ٻئي ملڪ هڪ مضبوط روايتي دوستي قائم ڪري چڪا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.