گاجي کهاوڙ/ وڳڻ (نمائندن وٽان) گاجي کهاوڙ ڀرسان ڳوٺ غازي خان مرکنڊ ۾ چانڊيا برادري جي اميراڻي پاڙي ۾ ٻن ڌرين ۾ ٻارن جي ڳالهه تان جيهڙو ٿي پيو جنهن ۾ گوليون لڳڻ ڪري نواب پٽ فقير خادم چانڊيو سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي وارث ڳڻتي جوڳي حالت ۾ وارهه اسپتال کڻائي ويا جتي زخمن جا سور نه سهندي نواب چانڊيو فوت ٿي ويو، واقعي بعد گاجي کهاوڙ پوليس ڳوٺ پهتي، ٻئي پاسي فائرنگ سبب ڳوٺ ۾ خوف ۽ حراس ڇانيل رهيو، ٻئي پاسي جھيڙي ۾ قتل ٿيل ڳوٺاڻي نواب چانڊيو وارثن باءِّ پاس مين روڊ تي لاش رکي احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو جنھن جي نتيجي ۾ ايندڙ ويندڙ گاڏيون بيھجي ويون ، ان موقعي تي قتل ٿيل نوجوان جي وارثن فقير خادم چانڊيو، زاھد چانڊيو ظفر علي ساجد سعيد چانڊيو ۽ ٻين ٻڌايو ته ڳوٺ ۾ ٻارڙن جي معمولي ڳالھ تان مخالف ڌر جي جوابدارن جاويد چانڊيو زوھيب چانڊيو ظفر چانڊيو ھالار چانڊيو انتظار چانڊيو ۽ ٻين پھريان فقير خادم چانڊيو سان جھيڙو ڪري زخمي ڪيو جنھن بعد ھنن حملو ڪري اسان جي نوجوان نواب علي چانڊيو کي گوليون ھڻي قتل ڪري ويا، جوابدارن کي گرفتار ناهي ڪيو ويو.