سردار شاهه، ضياءُ لنجار ۽ ڄام خان شورو يونيورسٽين جا ”پرو چانسلر“ بڻجي ويا

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ ڪابينا جي 3 وزيرن کي يونيورسٽين جو پرو چانسلر مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن جو يونيورسٽيز اينڊ بورڊز کاتي نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن موجب صوبائي گهرو وزير، قانون ۽ پارلياماني معاملن ضياءُ الحسن لنجار، لا يونيورسٽين جو پرو چانسلر هوندو، تعليم وارو صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه جنرل يونيورسٽين جو پرو چانسلر، جڏهن ته آبپاشي وارو صوبائي وزير ڄام خان شورو انجنيئرنگ يونيورسٽين جو پرو چانسلر هوندو، ياد رهي ته هن سال جي شروعات ۾ يونيورسٽين جي استادن ۽ وفاقي هائير ايجوڪيشن ڪميشن (ايڇ اي سي) سنڌ جي يونيورسٽين ۾ بيوروڪريٽس کي وائيس چانسلر مقرر ڪرڻ واري فيصلي جي مخالفت ڪئي هئي، هيڪ چيئرمين ڊاڪٽر مختار احمد، وائيس چانسلر جي مقرري لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ”اهليت“ تي عمل ڪرڻ کي لازمي قرار ڏنو هو ۽ چيو هو ته ضرورت پئي ته مان ڪراچي پهچي وزيراعليٰ سنڌ سان ملاقات ڪندس، ڇاڪاڻ ته اهڙن قدمن سان تعليمي معيار تي سنگين اثر پوندا، يونيورسٽين جي تعليمي آزادي ۽ انتظامي معاملا متاثر ٿيندا ۽ سڌارن بدران مسئلا جنم وٺندا.

  • اسيمبلي ميمبرن کي پرو وائيس چانسلر بڻائڻ تعليم دشمني آهي:زين شاهه

ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر ۽ درياءِ سنڌ بچايو تحريڪ جي ڪنوينر سيد زين شاهه چيو آهي ته پيپلز پارٽي هڪ  ڀيرو ٻيهر سنڌ جي تعليم کي تباهه ڪرڻ جو سلسلو جاري رکندي، صوبي جي يونيورسٽين ۾ پنهنجن اسيمبلي ميمبرن ۽ وزيرن کي پرو وائس چانسلر مقرر ڪري تعليم دشمن فيصلو ڪيو آهي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته هي قدم سنڌ جي مستقبل تي حملو آهي. يونيورسٽين جا بجيٽ، نوڪريون ۽ انتظامي اختيار وزيرن حوالي ڪرڻ اصل ۾ تعليمي ادارن کي سياسي اڏي بڻائڻ جي هڪ گهڻي ڪريل ڪوشش آهي. هن فيصلي سان يونيورسٽين کي تباهي ڏانهن ڌڪيو پيو وڃي. هن چيو ته هن فيصلي سان يونيورسٽين ۾ کلي سياسي مداخلت ٿيندي ۽ پيپلز پارٽي جا وزير پنهنجي ذيلي تنظيمن کي مضبوط ڪري يونيورسٽين کي سياسي مفادن لاءِ استعمال ڪندا. پيپلز پارٽي اڳ ئي ميرٽ جو جنازو ڪڍي چڪي آهي ۽ هاڻي يونيورسٽين ۾ سياسي مداخلت ذريعي شاگردن جي مستقبل کي به اونداهين ۾ ڌڪڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي.

  • وزيرن کي پرو چانسلر بنائڻ جو عمل تعليم دشمن قرار

ڪراچي (رپورٽر) پي ٽي آءِ سنڌ جي نائب صدر ڊاڪٽر  جئپال ڇاٻڙيا ٽن صوبائي وزيرن سردار شاهه، ڄام خان شورو ۽ ضياءَ لنجار کي پرو چانسلر مقرر ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي ان کي تعليم دشمن فيصلو قرار ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته هي عمل ڪرپشن کي اڳتي وڌائيندو ۽ تعليمي معيار هيٺ ڪري پوندو، تحريڪ انصاف سرڪار جي هن فيصلي خلاف هر فورم تي آواز اٿاريندي، جيڪي به ماڻهو يونيورسٽيز  ۾ سرڪاري مداخلت خلاف آواز اٿاريندا ته تحريڪ انصاف انهن سان گڏ هوندي. ھن سڀني سياسي پارٽين، سول سوسائٽي ۽ پروفيسر ايسوسيئشن کي اپيل ڪئي آھي ته هن عمل خلاف آواز اٿارين، ھن بلاول ڀٽو کان مطالبو ڪيو ته سنڌ سرڪار کي غير آئيني فيصلن کان  روڪيو، اھو فيصلو سنڌ جي تعليمي مستقبل لاءِ نقصان آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.