راولپنڊي (م ڊ) فيلڊ مارشل ۽ آرمي چيف عاصم منير چيو آهي ته پاڪ فوج بلوچستان جي عوام سان ڪلهو ڪلهي ۾ ڏئي بيٺي آهي ۽ صوبي ۾ پائيدار امن ۽ ترقي جي ڪوششن ۾ ڀرپور ساٿ ڏيندي رهندي، آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل عاصم منير بلوچستان جي علائقي تربت جو دورو ڪيو، جنهن دوران وزيراعليٰ بلوچستان مير سرفراز بگٽي، چيف سيڪريٽري بلوچستان ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا، آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته فيلڊ مارشل عاصم منير کي صوبي ۾ ”فتنه الهندوستان“ خلاف ڪامياب ڪارروائين ۽ مختلف منصوبن بابت بريفنگ ڏني وئي، ان موقعي تي آرمي چيف سٺي حڪمراني ۽ بنيادي ڍانچي جي ترقي جي اهميت تي زور ڏيندي سول ۽ عسڪري ادارن جي گڏيل سهڪار کي بلوچستان جي مسئلن جي حل لاءِ لازمي قرار ڏنو، آءِ ايس پي آر چيو ته فيلڊ مارشل ڏکڻ بلوچستان جي سماجي ۽ معاشي ترقي جي عزم کي ورجايو ۽ چيو ته پاڪ فوج بلوچستان جي عوام سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺي آهي، فوج پائيدار امن ۽ ترقي جي ڪوششن ۾ ڀرپور ساٿ ڏيندي رهندي، آرمي چيف جنرل عاصم منير امن قائم رکڻ لاءِ فوجي جوانن جي ڪردار جي تعريف پڻ ڪئي،