چين ۾ شهباز ۽ مودي وچ ۾ ڪا ملاقات طئي ناهي:پرڏيهي کاتو

اسلام آباد (م ڊ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان شفقت علي خان واضح ڪيو آهي ته چين ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي وچ ۾ ڪائي ملاقات طئي ناهي، پرڏيهي آفيس ۾ هفتيوار بريفنگ دوران هن ٻڌايو ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار اڄ بنگلاديش جي دوري تي روانو ٿيندو، جنهن جا هاڪاري اثر پوندا، دهشتگردي جي خاتمي ۽ واپار کي هٿي ملندي، ترجمان چيو ته چين جي پرڏيهي وزير وانگ اي جو 2 ڏينهن وارو سرڪاري دورو ڪاميابي سان مڪمل ٿيو، جنهن دوران هن وزيراعظم شهباز شريف، اسحاق ڊار ۽ ٻي اعليٰ قيادت سان ملاقاتون ڪيون. اسلام آباد ۾ ڇهون پاڪ–چين اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ ٿيو، جنهن ۾ سي پيڪ فيز–ٽو، واپار، سيڙپڪاري ۽ توانائي سهڪار تي اتفاق ٿيو. ٻنهي ملڪن افغانستان، وچ اوڀر ۽ دهشتگردي بابت به صلاح مشورا ڪيا. ترجمان موجب، پاڪستان ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن تي چين کي آگاهه ڪيو ۽ ڪشميرين جي حق خوداراديت تي چين جي حمايت کي ساراهيو، ان موقعي تي دفاعي سهڪار، تعليم ۽ ثقافتي لاڳاپن تي به ڳالهيون ٿيون. هن وڌيڪ چيو ته پاڪ–چين دوستي خطي ۾ امن، ترقي ۽ خوشحالي جي ضمانت آهي ۽ وانگ اي جو دورو ٻنهي ملڪن جي اسٽريٽجڪ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندو. ترجمان بريفنگ ۾ دوران چوڻ هو ته ڪابل ۾ پاڪستان، چين ۽ افغانستان جو ٽه ڌريو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اسحاق ڊار، وانگ اي ۽ افغان پرڏيهي وزير شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سياسي، اقتصادي ۽ سلامتي سهڪار تي مشاورت ٿي، جڏهن ته خطي ۾ امن لاءِ گڏيل قدم کڻڻ ۽ سي پيڪ کي افغانستان تائين وڌائڻ تي به ڳالهه ٻولهه ٿي. سرحدي سلامتي ۽ دهشتگردي جي خطري بابت پڻ تفصيلي بحث ٿيو. پاڪستان افغان عوام جي ڀلائي ۽ امن عمل ۾ مدد جو ٻيهر عزم ورجايو، جڏهن ته چين افغانستان جي ترقي ۽ نئين سر اڏاوت ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جو واعدو ڪيو. افغان پرڏيهي وزير پاڪستان ۽ چين جي حمايت کي ساراهيو. منشيات، اسمگلنگ ۽ منظم ڏوهن جي خاتمي تي اتفاق ٿيو. تعليم، صحت ۽ عوامي رابطا وڌائڻ تي زور ڏنو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.