سنڌو درياهه جي بندن کي مضبوط بڻائڻ جي هدايت

ڪراچي(رپورٽر ) ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برساتن سبب دريائن ۾ چاڙهه واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي، سنڌو درياهه جيصورتحال جائزو وٺڻ لاءِ آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو جي صدارت هيٺ سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ اهم اجلاس ٿيو، اجلاس دوران آبپاشي کاتي جي سيڪريٽري ظريف کيڙو، آبپاشي واري وزير کي گڊو، سکر ۽ ڪوٽڙي بئراج ۾ پاڻي جي صورتحال بابت تفصيلي بريفنگ ڏني، اجلاس ۾ ايم ڊي سيڊا پريتَم داس،سکر، گڊو ۽ ڪوٽڙي بئراج جا چيف انجنيئرز، سدرن سنڌ ڊرينيج ريجن، پي ڊي ٿر ڪول واٽر ورڪس پروجيڪٽ ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن پڻ آن لائين شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ صوبائي ايريگيشن ۽ ڊرينيج ريجنز جي منصوبن بابت معاملا به زيرِ غور آيا، آبپاشي واري وزير آفيسرن ۽ عملي کي هدايت ڪئي ته دريائن جي بندن کي مضبوط بڻايو وڃي ۽ انهن جي حفاظت يقيني بڻائي وڃي، ڄام خان شورو وڌيڪ هدايت ڪئي ته بئراجن ۽ بندن تي سڀني آفيسرن ۽ عملي جون ڊيوٽيون لاڳايون ويون آھن ۽ عملي کي هر وقت الرٽ رکيو پيو وڃي، هن عوام کي به هدايت ڪئي ته هو دريائن ۽ برساتي نالن جي ويجهو اچ وڃ کان پاسو ڪن.

  1. برطانيا پاران پاڪستان لاءِ 50 ڪروڙ رپين جي امداد جو اعلان

اسلام آباد (بيورو) برطانيا پاڪستان ۾ برساتن ۽ ٻوڏ جي تباهين کانپوءِ بحالي لاءِ 50 ڪروڙ رپيا امداد ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. برطانوي هاءِ ڪميشن موجب پنجاب، گلگت بلتستان ۽ ڪي پي ڪي جي 7 ضلعن ۾ 2 لک 23 هزار کان وڌيڪ ماڻهو امداد مان فائدو وٺندا. فنڊ ذريعي خشڪ راشن، موبائل ميڊيڪل ڪيمپس، پاڻي جي فراهمي، سرچ ۽ ريسڪيو آپريشنز، روزگار ۽ زراعت جي سهائتا فراهم ڪئي ويندي. برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ چيو ته امداد متاثر ڪميونٽيز جي فوري ضرورتن کي پورو ڪندي، جڏهن ته گڏيل قومن سان گڏجي ڪم کي وڌيڪ اثرائتو بڻايو پيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.