ڪراچي (رپورٽر) موسميات کاتي 23 کان 27 آگسٽ دوران ملڪ ۾ وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته 22 آگسٽ کان چوماسي هوائون شدت سان مٿانهن علائقن ۾ داخل ٿينديون، اهي هوائون عربي سمنڊ ۽ بنگالي نار مان داخل ٿينديون. موسميات کاتي موجب 23 کان 25 آگسٽ دوران ڪراچي، سکر، لاڙڪاڻي، شهيد بينظير آباد، دادو، جيڪب آباد، ڄامشوري ۾ برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي ٻڌايو آهي ته 23 کان 25 آگسٽ دوران ڀڪر، ليه، مظفر ڳڙهه، ڊي جي خان، راجن پور، رحيم يار خان ۾ به مينهن جو امڪان آهي. 23 کان 27 آگسٽ دوران اسلام آباد، راولپنڊي، لاهور، گوجرانوالا، سيالڪوٽ، نارووال، فيصل آباد، سرگوڌا، خوشاب، ميانوالي ۾ برسات جو امڪان آهي. پشاور، چارسدا، نوشهرا، مردان، ڪوهاٽ، بنون، لڪي مروت، ڊي آءِ خان، باجوڙ ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي. ڪوئيٽا، زوب، شيراني، بارکان، خضدار، قلعي عبدالله، قلعي سيف الله، پنجگور ۽ ڪيچ ۾ برسات جو امڪان آهيسيالڪوٽ، نارووال، پشاور، نوشهرا، مردان، ايبٽ آباد، مانسهرا، دير، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ فليش فلڊنگ جو خدشو آهي.