راولپنڊي (م ڊ) چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا سان بنگلاديش آرمي جي ڪوآرٽر ماسٽر جنرل ليفٽيننٽ جنرل محمد فيض الرحمان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ دفاعي ۽ سلامتي جي شعبي ۾ تعاون وڌيڪ وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر موجب ملاقات جوائنٽ اسٽاف هيڊڪوارٽرز راولپنڊي ۾ ٿي، جنهن دوران علائقي جي سيڪيورٽي صورتحال تي پڻ ڳالهيون ڪيون ويون، ٻنهي ملڪن وچ ۾ موجوده دفاعي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ملاقات دوران چيئرمين جوائنٽ چيفس جنرل ساحر شمشاد مرزا پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وڌندڙ ٻه طرفي لاڳاپن کي اجاگر ڪيو ۽ مستقبل ۾ دفاعي سهڪار جي نون موقعن بابت پڻ ڳالهايو.آءِ ايس پي آر موجب بنگلاديشي مهمان پاڪستاني فوج جي پيشاوراڻا صلاحيتن جي واکاڻ ڪئي ۽ دهشتگردي خلاف قربانين تي خراج تحسين پيش ڪيو.