عزيز بلوچ ۽ ٻين خلاف لياري آپريشن ڪيس جي ٻڌڻي، شاهد پيش نه ٿيا

ڪراچي(رپورثر) دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ لياري گينگ وار جي سربراهه عزير بلوچ ۽ ٻين خلاف لياري آپريشن واري ڪيس جي ٻڌڻي، عدالت ۾ پراسيڪيوشن ۽ جاچ آفيسر شاهدن کي پيش ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويا، عدالت جاچ آفيسر کيشاهدن کي پيش ڪرڻ جي سختي سان هدايت ڪري ڇڏي، ان موقعي تي اسپيشل پبلڪ پراسيڪيوٽر ۽ جوابدارن جا وڪيل به عدالت ۾ پيش ٿيا، جيل انتظاميه پاران جوابدار عزير بلوچ ۽ عزيز سربازي کي پيش ڪيو ويو، عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 25 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي، عدالت کي ٻڌايو ويو ته سال 2012 ۾ لياري گينگ وار جي جوابدارن پاران لياري آپريشن دوران پوليس تي حملو ڪيو ويو هو، جوابدارن خلاف پوليس مقابلي ۽ قتل جي ڪوشش جي قلمن تحت کارا در ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو هو.

  1. شهري کي نئين سر سڃاڻپ ڪارڊ نه ملڻ تي سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڪاوڙ

ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِڪورٽ جي آئيني بئنچ ۾ نادرا عملدارن خلاف شهري جي سڃاڻپ ڪارڊ نئين سر  جاري نه ڪرائڻ تي توهين عدالت جي درخواست جي ٻڌڻي ٿي، عدالت نادرا عملدارن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، جسٽس ذوالفقار سانگي پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته شهري سالن کان تڪليف ۾ آهن، اهي پنهنجا سڃاڻپ ڪارڊ ڇو نه ٿا  ٺهرائي سگهن، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته درخواست ڏيندڙ رحمت الله سعودي عرب ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستاني شهري آهي، وڪيل هارون شيخ چيو ته عدالت جي حڪم تي، جاچ ڪميٽي ڊي ايل سي به شهري کي پاڪستاني قرار ڏئي ڇڏيو آهي، درخواست ڏيندڙ جا ٻار تعليم ۽ ٻين سنگين مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهن، عدالت نادرا کي هڪ هفتي اندر سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ بابت قدم کڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت چيو ته جيڪڏهن حڪمن تي عمل نه ڪيو ويو ته لاڳاپيل نادرا آفيسرن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويندا،

  1. مذهبي مامرن واري وزارت تصديق ٿيل عمري وارين ڪمپنين جي فهرست جاري ڪري ڇڏي

اسلام آباد (م ڊ) مذهبي مامرن واري وزارت تصديق ٿيل عمري وارين ڪمپنين جي فهرست جاري ڪري ڇڏي. ترجمان موجب، شروعاتي طور 53 ڪمپنين جا دستاويز ۽ معاهدا مڪمل طور تصديق ٿي چڪا آهن. تصديق ٿيل ڪمپنين جي اها فهرست هجري سال 1447ع لاءِ ڪارائتي هوندي، جڏهن ته ٻين ڪمپنين کي هدايت ڪئي وئي آهي ته ضابطي موجب پنهنجي معاهدن جي تصديق جلد مڪمل ڪرائين. ترجمان وڌيڪ چيو ته عمري جي خواهشمدن کي سختي سان هدايت ڪئي وڃي ٿي ته رڳو وزارت کان تصديق ٿيل ڪمپنين وسيلي ئي پنهنجي بُڪنگ ڪرائن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.