جنرل ساحر شمشاد مرزا سان بنگلاديشي فوجي وفد جي ملاقات

راولپنڊي (م ڊ) چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا سان بنگلاديش آرمي جي ڪوآرٽر ماسٽر جنرل ليفٽيننٽ جنرل محمد فيض الرحمان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ دفاعي ۽ سلامتي جي شعبي ۾ تعاون وڌيڪ وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر موجب ملاقات جوائنٽ اسٽاف هيڊڪوارٽرز راولپنڊي ۾ ٿي، جنهن دوران علائقي جي سيڪيورٽي صورتحال تي پڻ ڳالهيون ڪيون ويون، ٻنهي ملڪن وچ ۾ موجوده دفاعي  سهڪار کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ملاقات دوران چيئرمين جوائنٽ چيفس جنرل ساحر شمشاد مرزا پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وڌندڙ ٻه طرفي لاڳاپن کي اجاگر ڪيو ۽ مستقبل ۾ دفاعي سهڪار جي نون موقعن بابت پڻ ڳالهايو.آءِ ايس پي آر موجب بنگلاديشي مهمان پاڪستاني فوج جي پيشاوراڻا صلاحيتن جي واکاڻ ڪئي ۽ دهشتگردي خلاف قربانين تي خراج تحسين پيش ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.