ڪوئينزلينڊ (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريڪا ٻي ون ڊي ۾ آسٽريليا کي 84 رنسن تان شڪست ڏئي ٽن ميچن جي سيريز ۾ 0-2 جي فيصلائتي سرسي حاصل ڪري ورتي.
مڪاءِ جي گريٽ بيرئير ريف ارينا ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ڏکڻ آفريڪي ڪپتان ايڊن مارڪرم ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. پروٽيز پهريان کيڏندي 50 هين اوور ۾ 277 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي.
ڏکڻ آفريڪا طرفان نوجوان بيٽر ميٿيو بريٽيزڪي پنهنجي شاندار فارم جاري رکندي 88 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، جڏهن ته ٽرسٽن اسٽبس 74، ويان ملڊر 26 ۽ ڪيشو مهاراج 22 رنسون ٺاهي نمايان رهيا.
آسٽريليا طرفان ايڊم زمپا 3، جڏهن ته نيٿن ايلس، مارنس لبيوشين ۽ زيويئر بريٽليٽ ٻه ٻه وڪيٽون ورتيون، جوش هيزل ووڊ جي حصي ۾ هڪ وڪيٽ آئي.
ڏکڻ آفريڪا جي 278 رنسن جي جواب ۾ آسٽريلوي ٽيم شروع کان ئي دٻاءَ ۾ رهي ۽ مسلسل وڪيٽون وڃائيندي وئي، ڪو به بيٽر گهڻي دير آفريڪي بالرن جو مقابلو نه ڪري سگهيو.
ڪينگروز طرفان وڪيٽ ڪيپر جوش اينگلس سڀ کان وڌيڪ 87 رنسون ٺاهيون، ٻين رانديگرن ۾ ڪئمرون گرين 37 ۽ ايلڪس ڪيري 13 رنسون ٺاهي سگهيو، جڏهن ته ڪپتان مچل مارش 18 رنسن تي آئوٽ ٿيو.
ڏکڻ آفريڪا جي لونگي نگيڊي شاندار بالنگ ڪندي 5 وڪيٽون حاصل ڪيون، نندري برگر ۽ سينورن مٿوسومي ٻه ٻه وڪيٽون وٺيون، جڏهن ته ويان ملڊر هڪ وڪيٽ پنهنجي نالي ڪئي.
شاندار بالنگ تي لونگي نگيڊي کي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.
You might also like