انسٽاگرام ريلز لاءِ نئون فيچر متعارف ڪرايو ويو آهي، جنهن تحت واهپيدارن کي وڌيڪ سهولت ملندي.
نئين فيچر ذريعي واهپيدار مختلف ريلز وڊيوز کي هڪٻئي سان لنڪ يا ڳنڍي سگهندا.
سولن لفظن ۾ جيڪڏهن ڪا وڊيو قسطن ۾ پوسٽ ڪئي ويندي ته انهن کي پاڻ ۾ لنڪ ڪري سگهجي ٿو، جيئن ڏسندڙ انهن کي ترتيب ۽ سولائيءَ سان ڏسي سگهن.
اهو سلسليوار ڊرامن وانگر هوندو، جتي پهرين، ٻي، ٽين يا چوٿين وڊيو ڏسڻ ممڪن هوندي.
واهپيدار ڪنهن به موضوع يا ٿيم تي ٻڌل وڊيوز کي هڪٻئي سان ڳنڍي سگهن ٿا، جنهن سان ناظرين کي هڪ مڪمل سلسلو ڏسڻ ۾ سولائي ٿيندي.
هي فيچر رڳو نون وڊيوز لاءِ نه پر پراڻين پوسٽ ڪيل ريلز تي به استعمال ڪري سگهجي ٿو، جنهن سان نئين وڊيو سان لاڳاپيل پراڻيون وڊيوز پڻ ڏسڻ لاءِ موجود هونديون.
پر اِها سهولت صرف اهڙين وڊيوز لاءِ دستياب هوندي جيڪي عام طور تي پوسٽ ٿينديون، جڏهن ته سبسڪرائبرز تائين محدود يا صرف ويجهن دوستن سان شيئر ڪيل وڊيوز لاءِ استعمال نه ٿي سگهندي.
هن فيچر کي استعمال ڪرڻ به آسان آهي، نئين ريل پوسٽ ڪندي ڪيپشن باڪس جي هيٺان ” لنڪ اَي ريل“جو آپشن نظر ايندو، جتان واهپيدار ٻيون وڊيوز ان سان ڳنڍي سگهندا.
اهڙي ريت جيڪڏهن اڳ ۾ پوسٽ ڪيل ريلز کي لنڪ ڪرڻو هجي ته واهپيدار سيٽنگز ۾ وڃي ” ايڊ لينڪڊ ريلز“ جي چونڊ ڪري سگهندا.