اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري 11 گيب قومي مالياتي ڪميشن (اين ايف سي) جوڙي ڇڏيو ته جيئن ورڇ جوڳن و وسيلن جي وفاق ۽ صوبن وچ ۾ ورهاست لاءِ نئون ايوراڊ جو اعلان ڪري سگهجي، ڪميشن جو چيئرمين ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب کي مقرر ڪيو ويو آهي.
ناڻي واري وزارت ۾ قائم اين ايف سي سيڪريٽريٽ طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته صدر آصف علي زرداري آئين جي آرٽيڪل 160(1) تحت 11هون قومي مالياتي ڪميشن ايوراڊ جوڙيو.
نوٽيفڪيشن موجب، ڪميشن 9 ميمبرن تي ٻڌل هوندي، جنهن ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير چيئرمين هوندو چئني صوبن ناڻي وارا وزير ميمبر هوندا.
اهڙي طرح پنجاب مان اڳوڻو بيوروڪريٽ ناصر محمود کوسا، سنڌ مان معاشي ماهر ڊاڪٽر اسد سيد، خيبر پختونخوا مان ڊاڪٽر مشرف رسول ۽ بلوچستان مان فرمان الله کي ڪميشن جو ميمبر مقرر ڪيو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ناڻي واري وزارت ڪميشن لاءِ سيڪريٽريٽ سپورٽ فراهم ڪندي، ڪميشن وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ مالي وسيلن جي ورڇ بابت سفارشون ڏيندي، خرچن جو جائزو وٺندي ۽ قومي سطح جي منصوبن بابت تجويزون پيش ڪندي.
آئين تحت هر پنجن سالن کانپو اين ايف سي جي جوڙجڪ ڪئي ويندي آهي، جنهن ۾ وفاق ۽ صوبائي وزير قانوني حيثيت سان شامل ٿيندا، جڏهن ته هر صوبو هڪ غير سرڪاري رڪن پڻ نامزد ڪندو آهي.
اين ايف سي ايوراڊ جي ذريعي وفاق جي ڪل آمدني مان طئي ٿيل فارمولي موجب صوبن کي حصو ڏنو ويندو آهي.
ياد رهي ته ڏهين اين ايف سي ايوراڊ جو مدو 21 جولاءِ تي پورو ٿي چڪو آهي جڏهن ته ستون اين ايف سي ايوراڊ لڳ ڀڳ 15 ورهين کان لاڳو آهي، جيتوڻيڪ ان جو مدوپنج سال هو، پر نئين فارمولي تي اتفاق نه ٿيڻ سبب صدر هر سال ان ۾ واڌ ڪندو رهيو آهي.
You might also like