پيرس هلٽن جي ڪٽنب پاڪستان ۾ پهريون هوٽل کولي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جڳ مشهور هوٽل ڪمپني ”هلٽن” پاڪستان جي خوبصورت سياحتي علائقي گليات ۾ پنهنجي پهرئين هوٽل ”ڊبل ٽري باءِ هلٽن“ جو اففتاح ڪري ڇڏيو.
هلٽن هوٽل ڪمپني آمريڪي اداڪارا ۽ ڳائڻي پيرس هلٽن جي خاندان سان لاڳاپيل آهي، جنهن جا ڪيترن ئي ملڪن ۾ شاهاڻا هوٽل موجود آهن.
ڊبل ٽري باءِ هلٽن” هوٽل پاڪستان جي مشهور هِل اسٽيشن نٿيا گلي ۾ موجود آهي، جيڪو وفاقي راڄڌاني اسلام آباد کان رڳو 85 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي.
هي هوٽل ” دي بيرن پاڪستان (پرائيويٽ) لميٽيڊ“ جي ملڪيت ۽ انتظام هيٺ آهي.
ڊبل ٽري باءِ هلٽن نٿيا گلي لالازار پارڪ کان ڪجهه وکن موجود آهي.
هوٽل علائقي جي مشهور فطري ۽ ثقافتي هنڌن جهڙوڪ مشڪپوري ٽاپ، ميرنجاني پيڪ، ايوبيا نيشنل پارڪ، ڊونگا گلي پائپ لائين ٽريڪ ۽ تاريخي سينٽ ميٿيو چرچ تائين سولائي رسائي فراهم ڪري ٿو، جيڪي هڙئي هوٽل جي پنجن ڪلوميٽر جي دائري ۾ آهن.
هي ماڳ مهم جو ماڻهن ۽ ثقافتي سياحت جي خواهشمند مسافرن لاءِ به هڪ مثالي مرڪز آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.