هانيا عامر جون نوجوان سان تصويرون وائرل، مداحن نئون بواءِ فرينڊ قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) خوبرو اداڪارا هانيا عامر جون نيون تصويرون سوشل ميڊيا تي مداحن جي ڌيان جو مرڪز بڻيل آهن.
اداڪارا تازو پنهنجي هڪ دوست سان گڏ تصويرون شيئر ڪيون، جنهن تي هڪ مداح هن کي اداڪارا جو نئون بواءِ فرينڊ قرار ڏئي ڇڏيو، جنهن تي هانيا دلچسپ جواب ڏنو.
انهن تصويرن تي واهپيدارن طرفان دلچسپ تبصرا ڪيا ويا، جڏهن ته ڪجهه مداحن طرفان ڳائڻي عاصم اظهر بابت به ڪمينٽ ڪيا ويا.
سوشل ميڊيا تي ڪجهه واهپيدارن لکيو ته ” هانيا عامر جي اها تصوير ڏسڻ کانپوءِ عاصم اظهر ڪُنڊ ۾ ويهي ڳوڙها ڳاڙي رهيو هوندو“.
هڪ مداح عورت هانيا عامر جي دوست سان گڏ تصوير تي سوال ڪيو ته ”ڇا اهو اداڪارا جو نئون بواءِ فرينڊ آهي؟“
عورت مداح جي تبصري تي هانيا طنزيه جواب ڏيندي چيو ته ”ها، مون کي ٻيو ڪو ڪم ناهي“.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.