حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، مرڪزي اڳواڻ ڪاشف ملاح، ايڊووڪيٽ اظهار دائودپوٽو، پرهه سومرو ۽ ايڊووڪيٽ اياز ڪلوئي پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته برسات سبب فوت ٿي ويل ماڻهن جي وارثن کي گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪروڙ ۽ زخمين کي 50 لک روپيا معاوضو ڏنو وڃي، چوپائي مال ۽ فصلن جي نقصان جو به هارين ۽ ڀاڳين کي معاوضو ڏنو وڃي. برساتن دوران فوتگيون حڪومتي نااهليءَ سبب ٿيون آهن، موجوده برساتي صورتحال ڪا قدرتي آفت نه پر قدرتي رحمت آهي، پيپلز پارٽي جي ڪرپشن ۽ لاپرواهي سبب برساتن دوران عوام جو تمام گهڻو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو آهي، شهرن جو نيڪاسي نظام بهتر هجي ها ته هڪ منٽ به پاڻي نه بيهي ها، پر حڪومتي نااهليءَ سبب گهٽيون گٽر نالا بڻيل آهن، گهرن ۾ پاڻي بيهي ويو آهي، سنڌ حڪومت پاڻي نيڪال ڪرڻ بدران شهرين کي گهرن تائين محدود رهڻ جا شاهي فرمان جاري ڪري رهي آهي،