اسلام آباد (بيورو رپورٽ/م ڊ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته عمران خان کي 190 ملين پائونڊ ڪرپشن ڪيس ۾ 14 سال قيد جي سزا ملي آهي ۽ هو جيل مان نڪرندي نظر نه پيو اچي، ضمانت ته ڦورو ۽ قاتل جي به ٿي ويندي آهي. اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي عطاءُ الله تارڙ چيو ته عمران خان ان ڪيس ۾ سڌي ريت ملوث آهي ۽ کيس جواب ڏيڻو پوندو ته ملڪ رياض کي ڪيئن پيسا ڏنا ويا، اهو ڪيئن ممڪن آهي ته حڪومت کي ايندڙ پيسو ڏنڊ جي مد ۾ جمع ڪرايو وڃي؟ عمران خان جي فيملي ملڪ رياض کان 5-5 قيراط جون منڊيون ورتيون، ان جو به حساب ڏيڻو پوندو.سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ وارا ضمانت تي خوشيون ملهائي رهيا آهن پر ضمانت ته ڦورو ۽ قاتل کي به ملندي آهي، ضمانت ۽ بريت ۾ واضح فرق آهي، 9 مئي جي ڪيسن جو ٽرائل اڃا جاري آهي ۽ اهو سڀ ڪجهه عمران خان جي منصوبابندي تحت ٿيو هو.