ڪراچي ۽ برساتي پاڻي جو بحران: ماسٽر پلانن جي ناڪامي ۽ مستقبل جا سبق

تحرير: ڊاڪٽر عبدالقدير ميمڻ

ڪراچي، جيڪا پاڪستان جي اقتصادي مرڪز طور سڃاتي وڃي ٿي، هر سال برساتي پاڻي جي نيڪال ۽ شهري انتظامي نااهليءَ جي ڪري وڏي تباهيءَ جو منظر پيش ڪري ٿي. هن بحران جا ڪارڻ صرف سيوريج نظام جي ڪمزوري يا نالن تي انڪروچمينٽ نه آهن، پر ان جون پاڙون گهڻو پري تاريخ ۾ ملن ٿيون، جتي شهر لاءِ تيار ڪيل "ماسٽر پلان” ڪڏهن به مڪمل طور تي لاڳو ۽ نوٽيفائي نه ٿي سگهيا.

1948ع ۾ ڪراچي لاءِ پهريون ماسٽر پلان تيار ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون ويون هيون، جڏهن ملڪ جي گاديءَ واري هنڌ هجڻ ڪري هن شهر تي شديد دٻاءُ وڌيو. ان دور ۾ UN، آمريڪي ماهر ۽ پاڪستاني حڪومتي ادارن گڏجي ابتدائي ريسرچ رپورٽون ٺاهيون. بعد ۾ 1952ع ۾ ڪراچي ماسٽر پلان ڊپارٽمينٽ وجود ۾ آيو، جنهن جو مقصد بين الاقوامي تجربي سان شهر کي منظم ڪرڻ هو. 1958ع ۾ "ڪراچي ميٽروپوليٽن پلان” تي ڪم شروع ڪيو ويو، جنهن ۾ انگريز ماهر ڪنلسلٽنٽ ڊيمس اينڊ بئرز (Doxiadis Associates) شامل هئا، ۽ اهو پلان 1975ع تائين لاءِ هو. پر اهو به مڪمل طور تي نوٽيفائي نه ٿي سگهيو. ان کان پوءِ 1973ع ۾ وري ڪراچي ڊويلپمينٽ پلان تيار ڪيو ويو، جنهن ۾ شهري آباديءَ جي تيزي سان واڌ ۽ صنعتي توسيع کي نظر ۾ رکندي رهائشي، واپاري ۽ صنعتي علائقن لاءِ خاڪا ٺاهيا ويا. پر 1985ع تائين اهو پلان عملي طور تي غير مؤثر ٿي ويو، ڇو ته آبادي پلان جي حساب سان وڌي وئي ۽ ادارا پنهنجي ذميواري نڀائڻ ۾ ناڪام رهيا.

1990ع واري ڏهاڪي ۾ جاپان انٽرنيشنل ڪوآپريشن ايجنسي (JICA) پاران "ڪراچي ڊويلپمينٽ پلان 2000” تيار ڪيو ويو، جنهن ۾ بنيادي ڍانچن، ٽرانسپورٽ، پاڻي ۽ نيڪال جي سسٽم کي بهتر ڪرڻ تي زور ڏنو ويو. پر اهو به نوٽيفائي نه ٿيو ۽ فائلن ۾ دفن ٿي ويو.  2007ع ۾ جڏهن ڪراچي جي ناظم مصطفيٰ ڪمال جي نگرانيءَ ۾ نئون "ماسٽر پلان 2020” تيار ڪيو ويو ته اميد هئي ته هاڻي شهر کي هڪ منظم روڊ ميپ ملندو. هيءُ پلان سٽي ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ ڪراچي (CDGK) جي ذميواري هيٺ تيار ڪيو ويو، جنهن ۾ شروعاتي رٿائن کان وٺي ٽرانسپورٽ، رهائش، برساتي پاڻي لاءِ سسٽم ۽ مستقبل جي آباديءَ لاءِ جڳهه رکڻ تائين ڪيترائي پهلو شامل هئا. پر ان وقت به سياسي ڇڪتاڻ ۽ اداري جي گڏيل اختلافن سبب اهو پلان سرڪاري طور تي نوٽيفائي نه ٿي سگهيو.

 

2018ع ۾ سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ شهر جي بي ترتيبي ۽ انڪروچمينٽ خلاف ڪيسن جي ٻڌڻي ڪندي حڪم ڏنو ته ڪراچي لاءِ نئون ماسٽر پلان تيار ڪيو وڃي. ان بنياد تي سنڌ حڪومت جي "ڊائريڪٽوريٽ آف اربن ريجنل پاليسي اينڊ اسٽريٽجڪ پلاننگ” Terms of Reference تيار ڪيا، پر پوءِ وري ساڳي سپريم ڪورٽ جي هدايت سان اهو ڪم ڪراچي ڊويلپمينٽ اٿارٽي (KDA) جي حوالي ڪيو ويو. KDA 2024ع ۾ هڪ بين الاقوامي ڪنسلٽنٽ مقرر ڪيو آهي، جيڪو 2026ع تائين نئون ماسٽر پلان مڪمل ڪرڻ جو پابند آهي. پر دلچسپ ڳالهه اها آهي ته اڃا تائين ان جي شروعاتي رپورٽ به نه آئي آهي، جيڪا ڇهن مهينن اندر پيش ٿيڻ گهرجي ها. مسئلو اهو آهي ته ڪراچي جي لاءِ ماسٽر پلان تيار ٿين ٿا پر اهي ڪڏهن به نوٽيفائي نٿا ٿين ۽ نه ئي لاڳو ڪرڻ لاءِ ادارا هڪٻئي سان تعاون ڪن ٿا. اهڙيءَ طرح 1948ع کان وٺي 2024ع تائين ڪراچي لاءِ ڪيترائي ماسٽر پلان تيار ٿيا پر هڪ به عملي طور تي مڪمل طور لاڳو نه ٿي سگهيو.

ڪراچي جي برساتي پاڻي جي نيڪال جو اصل نظام به ڪڏهن به منظم نموني تيار نه ڪيو ويو. اصل ۾ شهر ۾ قدرتي وهڪرن ۽ نالن جو هڪ وڏو نيٽورڪ موجود هو. تحقيقن مطابق ڪراچي ۾ تاريخي طور تي لڳ ڀڳ 550 کان وڌيڪ ننڍا وڏا نالا ۽ قدرتي وهڪرا هئا، جيڪي برساتي پاڻي کي سمنڊ تائين پهچائيندا هئا. پر انڪروچمينٽ، غير قانوني اڏاوتن ، ڊي ايڇ اي ۽ مفادن واري سياست جي ڪري اڄ اهي نالا گهٽجي 30 کان به گهٽ فعال رهيا آهن. انهن ۾ به گهڻا نالا پلاسٽڪ، گندگي ۽ تعميراتي ڪچرو اڇلجڻ سبب بند ٿيل آهن. برسات جي هن موجوده صورتحال ۾ ميڊيا، اربن پلانر ۽ حڪومتي وزير ،سيوريج سسٽم ۽ نالن جي صفائيءَ تي زور ڏيڻ سان قدرتي وهڪرن نالن تي قبضن جو ذڪر ته ڄڻ ٿا پر حقيقت اها آهي ته برساتي پاڻي لاءِ هڪ الڳ نظام هئڻ گهرجي، جنهن کي Side Storm Drains چيو وڃي ٿو، ۽ اهو سڌو قدرتي وهڪرن يا سمنڊ ڏانهن وڃي ٿو. ڪراچي ۾ اهڙو ڪو منظم نظام ڪڏهن به نه ٺاهيو ويو. نتيجي ۾ برسات جو پاڻي سيوريج لائينن ۾ داخل ٿي وڃي ٿو، جنهن سان نه صرف نيڪال جو مسئلو وڌي ٿو پر گندگي ۽ بيمارين جا خطرا به وڌن ٿا.

جيڪڏهن ٻين شهرن جا مثال ڏسجن ته ممبئي ۾ 2005ع واري وڏي برسات کان پوءِ "بريهان ممبئي اسٽورم واٽر ڊرينج پروجيڪٽ” شروع ڪيو ويو، جنهن ۾ نون ڊرينيج چينلن، وڏي پائپ لائينن ۽ پاڻي جي وهڪري لاءِ کليل جڳهن کي محفوظ رکيو ويو. بنگلاديش جي گادي واري شهر ڍاڪا ۾ به 1998ع ۽ 2004ع جي ٻوڏ کان پوءِ "واٽر اينڊ ڊرينيج ماسٽر پلان” تي عمل ڪيو ويو، جنهن ۾ شهري وسيلن ۽ قدرتي نالن کي محفوظ ڪرڻ لازمي قرار ڏنو ويو. جڪارتا ۾ به سمنڊ جي وڌندڙ سطح کي منهن ڏيڻ لاءِ نه صرف نوان ڊرينج سسٽم ٺاهيا ويا پر نالن جي بحاليءَ لاءِ عالمي امداد ورتي وئي.

ڪراچي ۾ صورتحال ان جي ابتڙ آهي، هتي نه صرف ماسٽر پلان لاڳو نٿا ٿين پر جيڪي نالا ۽ قدرتي وهڪرا موجود هئا، انهن کي به مستقل طور ختم ڪيو ويو آهي. شهر جي وڏي آبادي نالن جي ڪنارن تي آباد ٿي وئي آهي ۽ سرڪاري ادارا بااثر ماڻهن جي سامهون بي بس آهن. نتيجي ۾ هر برسات کان پوءِ ساڳي صورتحال ورججي ٿي.

UNDP جي رپورٽن ۽ KSDP-2020 ۾ واضح طور لکيل آهي ته ڪراچي ۾ برساتي پاڻي لاءِ الڳ نظام ٺاهڻ بنا شهري زندگي هر سال خطري ۾ رهندي. سپريم ڪورٽ به پنهنجي حڪمن ۾ چئي چڪي آهي ته ڪراچي ۾ انڪروچمينٽ ختم ڪري قدرتي نالن جي بحالي ۽ نئين ماسٽر پلان جي تياري ۾ دير نه ڪئي وڃي. پر ڪراچيءَ ۾ وفاقي کاتن ۽ سنڌ جي حڪومتي سطح تي ڪا سنجيدگي نظر نٿي اچي. هاڻي سوال اهو آهي ته ڇا ڪراچي مستقبل ۾ محفوظ ٿي سگهي ٿو؟ جواب آهي، ها، جيڪڏهن ماضي جي غلطين مان سبق سکيو وڃي. سڀ کان پهريان برساتي پاڻي لاءِ هڪ جامع Storm Water Drainage Master Plan تيار ڪري ان کي قانوني حيثيت ۾ نوٽيفائي ڪيو وڃي. ٻيو ته قدرتي نالن ۽ وهڪرن کي مڪمل طور بحال ڪيو وڃي ۽ انهن تي ٿيل انڪروچمينٽ کي بنا ڪنهن سياسي دٻاءُ جي ختم ڪيو وڃي. ٽيون ته ادارن جي وچ ۾ اختيارات جي ڇڪتاڻ ختم ڪري هڪ ئي مرڪزي شهري ادارو ٺاهيو وڃي، جيڪو ماسٽر پلان تي عمل ڪرائڻ جو ذميوار هجي.

ڪراچي پاڪستان جو معاشي انجن آهي. جيڪڏهن اهو شهر هر سال برسات کان پوءِ پاڻي ۾ ٻڏندو رهندو ته ملڪ جي معيشت به متاثر ٿيندي. ان ڪري وقت اچي ويو آهي ته ماضي جي اڌورا ماسٽر پلانن جي بدران هڪ اهڙو پلان تيار ڪيو وڃي جيڪو نه رڳو تيار ٿئي پر نوٽيفائي به ٿئي ۽ عملي طور تي زمين تي لاڳو به ٿئي. ٻي صورت ۾ 1948ع کان وٺي هلندڙ ناڪاميءَ جي تاريخ ايندڙ نسلن تائين ورجندي رهندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.