جيڪڏهن توهان کي انگريزي ڳالهائڻ يا لکڻ ۾ ڏکيائي پيش ايندي آهي پر فيسبڪ تي ڪا پوسٽ ان ٻوليءَ ۾ ڪرڻ چاهيو ٿا ته ميٽا جا نوان ٽولز ان حوالي سان مددگار ثابت ٿيندا.
ميٽا فيس بڪ ۽ انسٽاگرام جي استعمال ڪندڙن لاءِ آرٽيفيشل انٽيليجنس (اي آءِ) تي ٻڌل نوان ترجمو ڪندڙ ٽولز متعارف ڪرايا آهن، جن ذريعي واهپيدارن جي تيار ڪيل مواد کي مختلف ٻولين ۾ منتقل ڪري سگهجي ٿو.
انهن ٽولز جو اعلان ڪمپني طرفان 2024 ۾ ڪيو ويو هو ۽ هاڻي انهن کي متعارف ڪرايو پيو وڃي.
ڄاڻايل ٽولز جو مقصد مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙن کي اهو موقعو فراهم ڪرڻ آهي ته جيئن هو پنهنجي وڊيوز ۽ ريلز کي عالمي سطح جي ناظرين لاءِ تيار ڪري سگهن.
هن وقت اهي ٽولز انگريزي ۽ اسپينش ٻولين لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن.
يعني توهان هڪ ڪلڪ تي انگريزي ريلز کي اسپينش يا اسپينش ريلز کي انگريزي ۾ تبديل ڪري سگهو ٿا.
ڪمپني موجب، جلد ئي ٻين ٻولين کي کي به ٽولز جو حصو بڻايو ويندو .
ان ڏس ۾ هڪ فيچر رڳو فيس بڪ واهپيدارن لاءِ موجود هوندو، جنهن ذريعي هو هڪ وڊيو ۾ ڪيئي ئي آڊيو ريلز شامل ڪري سگهندا ته جيئن وڌيڪ ٻولين جي ڏسندڙن تائين مواد پهچي سگهي.
اهڙي ريت وڊيو اَپ لوڊ ڪندڙ ماڻهو اي آءِ lip-sync فيچر به استعمال ڪري سگهندا ته جيئن ڏسندڙن کي اهو محسوس نه ٿئي ته اها ڪنهن ٻي ٻولي جي وڊيو آهي.
ڪمپني موجب، هن فيچر سان جيڪي وڊيوز اي آءِ ذريعي ايڊٽ ڪيون وينديون، انهن ۾ ماڻهن جي وات جي حرڪت ترجمو ٿيل ٻولي سان ٺهڪندڙ هوندي.
ميٽا جي طرفان مستقبل ۾ اهو به امڪان آهي ته مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ ماڻهن جي وچ ۾ اي آءِ جي مدد سان رئيل ٽائيم ۾ ڳالهه ٻولهه ممڪن بڻائيندڙ فيچر به آندو ويندو.
Prev Post
ضمانت ته قاتل جي به ٿي ويندي آهي، عمران خان جيل مان نڪرندي نظر نه پيو اچي: عطاءُ الله تارڙ
Next Post
You might also like