چيٽ جِي پِي ٽِي جو اُهو فيچر جيڪو ضرور استعمال ڪرڻ گهرجي

سڄي دنيا ۾ روزانو ڪروڙين ماڻهو چيٽ جي پي ٽي جو استعمال ڪندا آهن، پر ڇا توهان کي ڄاڻ آهي ته ان ۾ توهان 7 مختلف ”شخصيتن“ جي چونڊ به ڪري سگهو ٿا؟
اوپن اي آءِ ڪجهه عرصو اڳ چيٽ جي پي ٽي ۾ پرسنلائيزيشن وارو فيچر متعارف ڪرايو هو.
جنهن ذريعي واهپيدارن پنهنجي شخصيت سان ملندڙ جلندڙ پرسنالٽي کي پنهنجي چيٽ جي پي ٽي اڪائونٽ لاءِ اينبل ڪري سگهن ٿا.
هڪ پرسنالٽي دراصل چيٽ جي پي ٽي جي اندر هڪ اسٽائل ۽ انداز آهي، جنهن کي هي آرٽيفيشل انٽيليجنس (اي آءِ) چيٽ بوٽ توهان کي جواب ڏيڻ لاءِ استعمال ڪندو آهي.
ان سان چيٽ جي پي ٽي جي ڪارڪردگي ۾ ڪا تبديلي ناهي ايندي، پر توهان سان ڳالهائڻ جو انداز تبديل ٿي ويندو آهي.
هن وقت چيٽ جي پي ٽي ۾ اهڙيون 7 پرسنالٽيز موجود آهن.
انهن ۾ پروفيشنل، فرينڊلي، candid، ايفيشينٽ، quirky، نيرڊي ۽ cynical شامل آهن.
هي فيچر نومبر 2025 ۾ متعارف ڪرايو ويو ۽ اهو چيٽ جي پي ٽي جي مفت واهپيدارن لاءِ به دستياب آهي.
هن فيچر لاءِ چيٽ جي پي ٽي ۾ وڃي سيٽنگز کوليو ۽ اتي پرسنلائيزيشن تي ڪلڪ ڪري پنهنجي پسند جي پرسنالٽي چونڊيو.
ان کانپوءِ توهان چيٽ جي پي ٽي جي جوابن ۾ مختلف تبديليون ڪري سگهو ٿا.
توهان کي هر پرسنالٽي کي هدايتون ڏيڻيون پونديون ۽ ان جي بنيادي انداز کان هٽي به هدايتون ڏئي سگهو ٿا ته توهان ڪهڙي قسم جا جواب چاهيو ٿا.
مثال طور جيڪڏهن توهان ڪنهن هڪ سوال جا 2 مختلف جواب چاهيو ٿا ته 2 مختلف پرسنالٽيز اينبل ڪري اهو ممڪن بڻائي سگهو ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.