اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) موسمياتي تبديلي بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ خبردار ڪيو آهي ته برساتن جو موجوده سلسلو 10 سيپٽمبر تائين جاري رهندو ۽ ايندڙ چوماسي سسٽم وڌيڪ شدت وارو هوندو.
نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي مصدق ملڪ چيو ته ايندڙ اسپيل جي تياري اڄ کان ئي شروع ڪرڻي پوندي، ڇو ته اهو وڌيڪ شدت وارو هجڻ جو خدشو آهي.
هن چيو ته جڏهن پاڻي جي رستي ۾ هوٽل ۽ ريزورٽس ايندا آهن ته انهن جي ٽٽڻ سان تباهي وڌي ويندي آهي، انهن عمارتن جا ڪنڪريٽ ۽ وڏا گارڊر آبادين تي ڪري پوندا آهن، جيڪي نقصان جو ڪارڻ بڻجندا آهن.
You might also like